جماعت اسلامي جي اليڪشن ڪميشن آڏو ڪيمپ تي چڙهائي: وقتي امير ۽ ايم پي اي گرفتار

جماعت اسلامي جي اليڪشن ڪميشن آڏو ڪيمپ تي چڙهائي: وقتي امير ۽ ايم پي اي گرفتار

ڪراچي: ڪراچي پوليس جماعت اسلامي کي اليڪشن ڪميشن سامهون رٿيل عوامي پريس ڪانفرنس ڪرڻ نه ڏني، پوليس اٽالن ڪيمپ تي پھچي وقتي امير، ايم پي ا ي ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو، ان ڏس ۾ جماعت اسلامي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن اليڪشن ڪميشن اڳيان پريس ڪانفرنس لاءِ پھتا ته پوليس کين روڪي ورتو، انهي موقعي تي پوليس اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران سمورا دڪان ۽ هوٽلون به بند ڪرائي ڇڏيون، پوليس جماعت اسلامي ڪراچي جي قائم مقام امير مسلم پرويز، ايم پي اي محمد فاروق،سفيان دلاور، مدثر حسين انصاري ۽ ٻين کي گرفتار ڪري ورتو،  ڇڪتاڻ کانپوءِ ڪارڪن وڏي انگ ۾ جماعت اسلامي جي مرڪز نور الحق پھچي ويا، جتي ڪارڪنن طرفان احتجاج ڪندي سخت نعريبازي ڪئي وئي، جنھن بعد پوليس گرفتار ڪيلن کي آزاد ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف جماعت اسلامي  ڪراچي جي قائم مقام امير مسلم پرويز اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي کانپوءِ اداري نور الحق ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پ پ سرڪار فاشسٽ رويو اختيار ڪندي جماعت جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪرايو، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي هئي ، اسين اليڪشن ڪميشن جي آفيس آڏو ئي پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ پهتا هئاسين، ھن چيو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ڪراچي جي ادارن تي قبضي خلاف 14 فيبروري تي سنڌ اسيمبلي ٻاهر ڌرڻو هڻنداسين،