| جماعت اسلامي پاران اي چالان، بدامني، ڀتاخوري ۽ حادثن خلاف 13 هنڌن تي ڌرڻا |
ڪراچي(رپورٽ: الطاف چنا) جماعت اسلامي پاران اي چالان، بدامني، ڀتاخوري، وڌندڙ روڊ حادثن، انفراسٽرڪچر جي تباهي، پاڻي کوٽ ۽ زمينن تي قبضن خلاف شهر جي 13 هنڌن تي ڌرڻا هنيا ويا. ڪراچي جو امير منعم ظفر خان شاهراهه قائدين تي نوراني ڪباب هائوس وٽ لڳل مرڪزي ڌرڻي ۾شريڪ ٿيو، جنهن کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪراچي ۾ ناانصافي عروج تي آهي، سياست توڙي رياست جي ڳٺ جوڙ شهرين کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته شهرين کي ڀتا خوري جون پرچيون موڪليون پيون وڃن. هن الزام هنيو ته پ پ حڪومت ڪراچي دشمني تي لهي آئي آهي. هيل هيوي ٽريفڪ سبب 850 شهري فوت ۽ هزارين زخمي ٿيا آهن، رڳو ٽينڪرن جي ٽڪرن ۾ 57 ماڻهو اجل جوشڪار ٿيا هن چيو ته شهر جو انفراسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي، ميئر جا 60 ڏينهن ۾ 106 روڊ ٺاهڻ جا واعدا به پورا نه ٿيا آهن. منعم ظفر خان چيو ته ريڊ لائين ۽ ڪريم آباد انڊر پاس منصوبن جي نالي ۾ اربين رپيا ڪمايا پيا وڃن، هن چيو ته ڊرون ذريعي ٽريفڪ چالان ته ڪيا پيا وڃن، پر اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڦرلٽ ڪندڙ ڊرون ۾ نظر ڇو نٿا اچن؟ ڪي ايم سي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سيف الدين چيو ته حڪومت ماڻهن کي ڪا به سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، گاڏين جي نمبر پليٽن ۽ اي-چالان جي نالي ۾ اربين رپيا ميڙڻ لاءِ شهرين تي نئون عذاب مڙهيو ويو آهي. ان موقعي تي 21 ڊسمبر تي ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو