| جماعت اسلامي پاران “جيئڻ ڏيو ڪراچي مارچ” جو اعلان |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان 15 ڏينهن جي عوامي مهم بعد شاهراه فيصل تي “جيئڻ ڏيو ڪراچي مارچ” جو اعلان ڪيو آهي، ڪالهه پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڪراچي ۾ باهه جي واقعي پيپلز پارٽي جي 17 سالن جي ناڪام ڪارڪردگي کي وائکو ڪيو آهي، باهه وسائڻ ۾ 34 کان 35 ڪلاڪ لڳڻ مجرماڻي غفلت آهي، ڪراچي ۾ فائر بريگيڊ جو نظام مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي، عالمي معيار موجب شهر ۾ 300 کان وڌيڪ فائر اسٽيشن هجڻ گهرجن، پر هتي رڳو 28 موجود آهن، فائر فائٽرز وٽ پي پي اي، بريٿنگ ماسڪ ۽ بنيادي سهولتون ناهن، وزيراعليٰ مراد شاهه کي گل پلازا سانحي جي ذميواري قبولي استعيفا ڏيڻ گهرجي، ھن چيو ته ھڪ ڪروڙ رپين جي معاوضي جو اعلان انساني جاني نقصان جو متبادل ناهي، ھن چيو ته ڪراچي ۾ ماڻهو باهه، پاڻي، گٽرن، ڪرنٽ ۽ ٽريفڪ حادثن سبب مري رهيا آهن.