جماعت اسلامي پاران عيد بعد عوام دشمن فيصلن خلاف تحريڪ جو اعلان

جماعت اسلامي پاران عيد بعد عوام دشمن فيصلن خلاف تحريڪ جو اعلان

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي سنڌ جو امير ڪاشف سعيد شيخ ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني، اغوا، ڦرن، لا قانونيت، ڌاڙيل راڄ ۽ قبيلائي جهيڙن سبب قيمتي جاني نقصان کي حڪومتي ناڪامي قرار ڏيندي مطالبو ڪيو ته حڪومت شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ، ڏوهن ۽ قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ اثرائتا قدم کڻي ۽ پنهنجي ذميواري پوري ڪري. هن چيو ته لاڙڪاڻو ۾ تاريخي شخصيتن مولانا جان محمد عباسي ۽ قاضي فضل الله جي نالن سان منسوب پارڪن تي قبضي جي ڪوشش مذمت جوڳو آهي ۽ تاريخ سان ڇيڙڇاڙ جي برابر آهي. هن چيو ته غزه کان پوءِ ايران جو الميو ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو ته جيڪڏهن مسلم امت هاڻي به اتحاد ۽ يڪجهتي اختيار نه ڪئي ته مسئلا وڌيڪ وڌندا.  هن اعلان ڪيو ته حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻيءَ ۾ جماعت اسلامي عيد کان پوءِ حڪومتي عوام دشمن فيصلن خلاف ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڀرپور احتجاجي تحريڪ شروع ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻي جي مقامي هال ۾ صحافين جي مان ۾ ڏنل افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو.