جماعت اسلامي پاران لياري ٽرانسفارميشن پلان ڍونگ قرار: حق ڏيو مهم هلائڻ جو اعلان

جماعت اسلامي پاران لياري ٽرانسفارميشن پلان ڍونگ قرار: حق ڏيو مهم هلائڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ حڪومت طرفان اعلانيل لياري ٽرانسفارميشن پلان کي ڍونگ قرار ڏيندي “لياري کي حق ڏيو” مھم ھلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،  ڪالهه  جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر خان  لياري جي اٺ چوڪ تي پريس ڪانفرنس ڪندي لياري ٽرانسفارميشن پلان تي تنقيد ڪندي چيو ته صوبائي وزير سيد  ناصر شاهه لياري ۾ هڪ منصوبي جو افتتاح ڪيو،  ٻڌايو ويو آهي ته پارڪ ٺهندا، گرين بيلٽ ٺهندو. هن چيو ته هي ٽرانسفارميشن پروجيڪٽ گذريل 18 سالن کان جاري آهي. لياري ۾ هر اليڪشن کان اڳ پيڪيج جو اعلان ڪيو ويندو آهي، اسان پڇون ٿا ته  زرداري صاحب جي پيڪيج جو ڇا ٿيو؟ هڪ پيڪيج کانپوءِ ٻيو، پوءِ ٽيون پيڪيج اچي ويندو آهي. ھن چيو تھ 2020ع ۾ ڪراچي ٽرانسفارميشن پيڪيج جو اعلان ٿيو هو، جيڪو 2023ع ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي،  2026ع ۾ اهو مڪمل ناهي ٿيو هن چيو ته هاڻي لياري جي نئين پيڪيج لاءِ 25 ارب رپيا رکيا ويا آهن. لياري ۾ جيڪڏهن ڪنهن جي حڪومت رهي آهي ته اها پيپلز پارٽي جي رهي آهي. لياري ٽائون به پيپلز پارٽي جي حوالي آھي، لياري واسي پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيندا رهيا آهن. اڄ جعلي ماڻهن کي ڪراچي تي ٿاڦيوويو آهي، ھن  چيو ته پيپلز پارٽي ڪراچي جا 3360 ارب رپيا هڙپ ڪري ورتا آهن.   شهر تي چار آنا به خرچ ناهن ڪيا، لياري جي عوام کي پٿر جي دور ۾ پهچائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته لياري جي حقن لاءِ جماعت اسلامي هميشه آواز بلند ڪندي رهي آهي. لياري ٽائون جا سمورا مسئلا اسان جا مسئلا آهن،  اسان  ظالم حڪمرانن جو پيڇو ڪندا رهنداسين. “حق ڏيو لياري” مهم جي حوالي سان آواز بلند ڪندا رهنداسين.