| جماعت اسلامي پاران ليوي، آءِ پي پيز ۽ مهانگائي خلاف 20 سيپٽمبر تي اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي 20 سيپٽمبر تي اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جماعت اسلامي جي عورتن طرفان پيٽروليم ليوي، آءِ پي پيز ۽ وڌندڙ مهانگائي خلاف ڌرڻو هنيو ويو. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ مسلسل مهانگائي وڌي رهي آهي، جنهن سبب وچولي طبقي جي خاندانن لاءِ به زندگي گذارڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. سڄي قوم کي هڪ آواز ٿي پيٽروليم ليوي ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪرڻو پوندو. عالمي مارڪيٽ سبب قيمتون وڌڻ واري دعويٰ کي رد ڪندي هن چيو ته جڏهن عالمي منڊي ۾ قيمتون گهٽ ٿين ٿيون ته حڪومت ايتري گهٽتائي نٿي ڪري. پيٽروليم ليوي هڪ قسم جو ڀتو آهي، جيڪو هر حالت ۾ وصول ڪيو پيو وڃي. جماعت اسلامي جي امير مريم نواز تي تنقيد ڪندي چيو ته هوءَ ذاتي جهاز تي لنڊن هلي وڃي ٿي، جڏهن ته قوم بک ۽ مهانگائي کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ حڪمرانن جون عياشيون ختم نٿيون ٿين. پنجاب ۾ پيٽروليم جون قيمتون وڌڻ دوران مريم نواز جهاز خريد ڪيو، جيڪو نواز شريف جي ذاتي پئسن بدران قوم جي پئسن سان خريد ڪيو ويو.محافظ نعيم الرحمان چيو ته پنجاب جي تازي نتيجي سان پڙهيل لکيل پنجاب جي دعويٰ جو پول کلي ويو آهي. مريم نواز پنجاب ۾ 11 هزار اسڪول وڪرو ڪري ڇڏيا، صوبي ۾ تعليم، صحت ۽ زراعت کي تباهه ڪيو ويو آهي.مهن چيو ته جماعت اسلامي ظلم خلاف تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ملڪ جي 29 هنڌن تي ڌرڻا جاري آهن. جماعت اسلامي 20 سيپٽمبر تي اسلام آباد ڏانهن مارچ جو اعلان پڻ ڪيو. حافظ نعيم الرحمان چيو ته 20 سيپٽمبر واري مارچ ۾ سڄي ملڪ مان ماڻهو اسلام آباد ايندا. هن مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته هو ٻڌائين ته سندن شگر ملن ۾ ڪيترا ملازم ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪن ٿا. موجوده حالتن باوجود حڪمران پنهنجا خرچ گهٽ نٿا ڪن. شريف خاندان جون ڪيتريون ئي ملون آهن، جيڪي مڪمل ٽيڪس ادا نٿيون ڪن، ان جو به جواب ڏنو وڃي. آءِ پي پيز بابت حافظ نعيم الرحمان چيو ته بجلي پيدا نه ڪرڻ جي صورت ۾ به آءِ پي پيز کي رقم قوم ادا ڪري ٿي. ڇا مريم نواز جهاز خريد ڪرڻ کان اڳ آءِ ايم ايف کان اجازت ورتي هئي.