جماعت اسلامي پاران مهانگائي خلاف سڀاڻي ملڪگير احتجاج جو اعلان

جماعت اسلامي پاران مهانگائي خلاف سڀاڻي ملڪگير احتجاج جو اعلان

ڪراچي/خيرپور (اسٽاف رپورٽر+ رپورٽر) جماعت اسلامي عورت ونگ جي اڳواڻ عورتن سيده سارا ضياءُ، مديحه شيخ، اقرا قريشي ۽ ثمرين فهيم خيرپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي عوام لاءِ سخت پريشاني جو سبب بڻجي وئي آهي. هنن چيو ته تازو پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ سبب مهانگائي جي شرح 13.9 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، هنن چيو ته تعليم، علاج ۽ روزمرهه جي بنيادي ضرورتن جو پورائو ڪرڻ به عام ماڻهن لاءِ ڏکيو بڻجي ويو آهي. هنن چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ واپس ورتي وڃي، جماعت اسلامي جي سڏ تي 7 آگسٽ تي ملڪ گير احتجاج ڪيو ويندو.