| جماعت اسلامي پاران پيٽروليم ليوي ۽ بجلي اگهن خلاف درخواست داخل: جمعي تي احتجاج جو اعلان |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمن پيٽروليم ليوي ۽ توانائي شعبي ۾ مبينا زيادتين خلاف وفاقي آئيني عدالت ۾ درخواست داخل ڪرڻ بعد حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي 22 مئي تي ملڪ گير احتجاج ۽ عيد کانپوءِ شٽر ڊائون ۽ ڦيٿا جام هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پيٽرول جي ايڪس ريفائنري قيمت ۾ 42 کان 43 سيڪڙو حصو صرف ليوي جو آهي، جيڪو لڳ ڀڳ 117 رپيا في ليٽر ٿئي ٿو. قانون موجب اها رقم ريفائنريز جي اپ گريڊيشن تي خرچ ٿيڻ گهرجي ها، پر حڪومت هزارين ارب رپيا وصول ڪرڻ باوجود ان مقصد ۾ ناڪام رهي، جنهن سبب ملڪ هن وقت تائين مهانگو ريفائنڊ تيل درآمد ڪرڻ تي مجبور آهي. هن چيو ته موٽر سائيڪل استعمال ڪندڙ غريب شهري روزاني بنياد تي ڳرا ٽيڪس ۽ ليوي ادا ڪري رهيا آهن. جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف روينيو پنهنجي ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام آهي.ان مطابق گذريل سال عوام کان بجلي شعبي ۾ صرف ڪيپسٽي پيمنٽس جي مد ۾ 1800 ارب رپيا وصول ڪيا ويا. حافظ نعيم الرحمان حڪومت جي آءِ ايم ايف متعلق موقف تي به تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن ليوي آئي ايم ايف جي دٻاءَ تي لاڳو ڪئي وئي آهي ته پوءِ حڪمرانن جا شاهاڻا خرچ به ڇا آءِ ايم ايف جي هدايتن تي ٿي رهيا آهن. هن چيو ته جماعت اسلامي عوامي مسئلن تي حقيقي اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ اميد آهي ته وفاقي آئيني عدالت عوامي اهميت واري هن درخواست تي ٻڌڻي ڪندي عوام کي رليف فراهم ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن واضح ڪيو ته گلگت بلتستان چونڊن يا ڪنهن به قسم جي سيٽ ايڊجسٽمينٽ سان جماعت اسلامی پاڪستان جو ڪو به تعلق ناهي.