جماعت اسلامي پاران ڪراچي لاءِ 500ارب پيڪيج جي گهر

  جماعت اسلامي پاران ڪراچي لاءِ 500ارب پيڪيج جي گهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 6 مھينن بعد ڪراچي پهچي ريلوي اسٽيشن جو افتتاح ڪرڻ بعد ساڳئي ڏينهن واپس هليو ويو، شهرين کي اميد هئي ته وزيراعظم ڪراچي لاءِ ڪو اهم اعلان ڪندو پر ڪو به اعلان سامهون نه آيو. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جيڪو به وزيراعظم ٿيو آهي، انهي ڪراچي جي سار ناهي لڌي، شهر کي يرغمال بڻايو ويو آهي. اربين رپيا ٽيڪس ڏيڻ باوجود ڪراچي کي لاوارث ڇڏيو ويو آهي. ھن چيو ته شهرين لاءِ گهر کان آفيس ۽ آفيس کان گهر پهچڻ معمو بڻجي ويو آهي. روڊ ٺاهڻ بجاءِ  چالان مٿان چالان ٿي رهيا آهن، هن چيو ته ڪراچي واسين جا حق ڏيارڻ لاءِ جماعت اسلامي جدوجهد جاري رکندي، ھن مطالبو ڪيو ته وزيراعظم  500 ارب رپين جي ڪراچي پيڪج جو اعلان ڪري