| جماعت اسلامي پاران 19 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ڌرڻن جو اعلان |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي “ڪراچي کي حق ڏيو” تحريڪ هيٺ 19 ڊسمبر تي ڪراچي جي اھم رستن تي ڌرڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪالهه شهر جي نمائش چورنگي تي ڪراچي ۾ هيـوي ٽريفڪ ڊمپرز ۽ ٽينڪرن جي وڌندڙ حادثن ۽ اي چالان خلاف ڌرڻو ھنيو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي جو امير منعم ظفر اعلان ڪيو ته 19 ڊسمبر تي ڪراچي جي اھم شاھراھن تي ڌرڻا ھنيا ويندا، ھن چيو ته وڌندڙ ٽريفڪ حادثن ۽ اسٽريٽ ڪرائيم تي پوليس جي خاموشي ۽ اي چالان جي نالي ۾ ڦرلٽ کي برداشت نه ڪبو، ھن چيو ته ڏوھارين کي حڪومت جي سرپرستي حاصل آھي، هن چيو ته ڪراچي 170 نمبر تي انھن شھرن ۾ آھي، جيڪي رھڻ جي قابل ناھن،