ڪراچي: سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم جي خطاب تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته “ڪراچي وارا چون ٿا ته جان ڇڏيو جماعتي.” هڪ بيان ۾ ھن چيو ته ڪراچي جا روڊ رستا ڪمرشل ڪري وڪڻڻ جا لائسنس ڏيڻ وارا جماعت اسلامي وارا آهن، اهي هاڻي شهر جي جان ڇڏين. هن چيو ته شهر جي تعليمي ادارن کي واڳوئن وانگر کائي وڃڻ وارا جماعت اسلامي جا ماڻهو آهن، جيڪي اڄ وري ڪراچي جا همدرد بڻجي رهيا آهن. ھن چيو ته جيڪڏهن جماعت اسلامي کي مڪاني چونڊن جو ايترو ئي شوق آهي ته پنجاب ۾ وڃي بلدياتي چونڊن جو مطالبو ڪن. هن چيو ته حافظ نعيم يو سي چيئرمين ۽ سنڌ اسيمبلي جي سيٽن تان استعيفا لکي اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي. ھن وڌيڪ چيو ته حافظ نعيم ڪراچي جي 9 ٽائونن ۾ کوٽيل روڊن رستن جو حساب ڏئي، هو ڪراچي وارن کي ٻڌائي ته سندن 9 ٽائونن ۾ هر شيءِ تي ٽيڪس ورتو وڃي ٿو پر جڏهن ڪم ڪرڻ جو وقت اچي ٿو ته ذميواري ميئر تي وڌي وڃي ٿي. هن چيو ته ماڻهن جي زڪوات جي پئسن سان اشتھاري مهم هلائيندڙ اڄ ايمانداري جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي جو ميئر بڻجڻ لاءِ ملڪ دشمن قوتن سان هٿ ملائيندڙ اڄ قوم لاءِ فڪر مند نطر پيا اچن