جمال شاهه ۾ ارڙي تي ضابطو نه آيو، ٻارڙي حياتي وڃائي ويٺي، انگ 3 ٿي ويو
نومبر 27, 2024
جمال شاهه (ن پ ا) جمال شاهه ڀرسان ارڙي ڦهلجي وئي، معصوم ٻارڙي فوت، ڪيترائي مبتلا، 15 ڏينهن دوران 3 ٻارڙا فوت ٿي چڪا، صحت کاتو خاموش، خبر موجب ڳوٺ شاھ محمد زرداري۾ ارڙي وگهي محمد رمضان جي 2 سالن جي معصوم نياڻي زھره بتول فوت ٿي وئي، ڳوٺاڻن استاد ننگر زرداري ۽ ٻين ٻڌايو ته پندرهن ڏينهن دوران ارڙي وگهي 6 سالا رخسانا ۽ 3 سالا فرحان علي پڻ فوت ٿي چڪا آھن، جڏهن ته صحت کاتي طرفان ڪو به نوٽيس ناهي ورتو ويو، هنن چيو ته ارڙي وگهي فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ 3 ٿي ويو آھي پر ڪير به لڙي ناهي آيو، ھنن مطالبو ڪيو ته ڳوٺ ۾ ڊاڪٽرن جون ٽيمون اماڻي ارڙي کان بچاءَ جي ويڪسين ڪئي وڃي.