| جمس مان ڳورهاري عورت ڌڪا ڏئي بيدخل، چنگچي ۾ ٻار جو جنم |
جيڪب آباد(رپورٽر) جمس اسپتال مان مبينا طور بيدخل ڪيل عورت روڊ تي چنگچي رڪشا ۾ نياڻي کي جنم ڏنو، شهر جي سومرا شاخ جي علائقي جو رھواسي عبدالوهاب سولنگي پنهنجي ڳورهاري زال ملوڪان کي ويم لاءِ جمس اسپتال پهچايو، عورت جي وارثن موجب جمس اسپتال انتظاميا ڳورهاري عورت کي بيدخل ڪيو، ڳورهاري عورت شهيد بينظير ڀٽو پارڪ ٻاهران روڊ تي چنگچي ۾ طبيعت خراب ٿي وئي، جنهن کانپوءِ چنگچي کي چادر ڏئي عورت جو ويم ڪرايو ويو، عورت ٻار کي جنم ڏنو، جنهن بعد کين سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، سول اسپتال ۾ موجود عورت جي مڙس عبدالوهاب سولنگي دانهيندي چيو ته زال کي ويم لاءِ 3 ڏينهن تائين جمس ۾ دربدر ڪيو ويو رت لاءِ چيو ويو ته ٻه ٿيلهيون رت جون به ڏنيون ويون آهن پر ان باوجود جمس اسپتال انتظاميا اسان کي ڌڪا ڏئي اسپتال کان بيدخل ڪيو. هوڏانهن جمس اسپتال انتظاميا چيو ته 15 جون تي عورت ملوڪان کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ڳورهاري عورت کي رت جي گھٽتائي هئي جنهن کي ٻه ٿيلهيون رت به لڳايون ويون جڏهن ته ليڊي ڊاڪٽر پاران ويم ڪرائڻ کي خطرو سمجهي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ آپريشن لاءِ چيو ويو آهي جنهن تي عورت کي وارث کڻائي ويا. اسپتال جي ڪابه لاپرواھي ناهي.