جمعي تي سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ مهيني لاءِ هائبرڊ نظام جو پلان تيار: سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان راضي: فيصلو اڄ ٿيندو

جمعي تي سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ مهيني لاءِ هائبرڊ نظام جو پلان تيار: سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان راضي: فيصلو اڄ ٿيندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت تي جمعي تي سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ هڪ مهيني لاءِ هائبرڊ نظام لڳائڻ جو پلان تيار ڪري ورتو، فيصلو اڄ ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب وفاقي حڪومت وچ اوڀر ۾ جنگ جي صورتحال سبب توانائي ۽ پيٽروليم شيون بچائڻ لاءِ ملڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ۽ هڪ مهيني لاءِ هائبرڊ نظام لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي حڪومت مڪمل راضپو ڏيکاريندي پنهنجون تجويزون وفاقي سرڪار کي پيش ڪري ڇڏيون آهن جڏهن ته ڪي پي جي حڪومت سان ڳالهين  جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب حڪومت پاران سمارٽ لاڪ ڊائون لاءِ جمعي تي سمورو ڪاروهنوار بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. جڏهن ته هڪ مهيني لاءِ هائبرڊ نظام تحت  سرڪاري آفيسون ۽ تعليمي ادارا هفتي ۾ 3 ڏينهن کولڻ ۽ 3 ڏينهن آن لائن ڪم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، سرڪاري آفيسن ۾ ٽن ڏينهن لاءِ  50 سيڪڙو حاضري لازمي هوندي، سرڪاري گاڏين جي استعمال تي مڪمل پابندي هوندي، خلاف ورزي ڪرڻ تي سخت ڪارروائي ٿيندي، نگراني لاءِ مانيٽرنگ سسٽم قائم ٿيندو. هفتيوار آڊٽ رپورٽ تيار ٿيندي،  توانائي بچت لاءِ آفيسن ۾ صبح ساڍي 10 وڳي تائين اي سي هلائڻ جي اجازت نه هوندي، 60 ڏينهن اندر 50 سيڪڙو سرڪاري آفيسون هنگامي بنيادن تحت سولر  تي منتقل ٿينديون. جڏهن ته بازارون ۽ ڪاروباري مرڪز رات ساڍي 9 وڳي بند ڪيا ويندا، شادي هال 10 وڳي تائين محدود هوندا، ٽول ٽيڪس ۾ 50 رپيا واڌ ۽ ريل جي ڀاڙن ۾ 15 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي ته جيئن عوام کي ريل ڏانهن واپس آندو وڃي.