جمعي تي ملنداسين: سهيل آفريدي جو سنڌ اچڻ جو اعلان

جمعي تي ملنداسين: سهيل آفريدي جو سنڌ اچڻ جو اعلان

پشاور (م ڊ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي 9 جنوري تي سنڌ جي دوري جو اعلان ڪري ڇڏيو. سهيل آفريدي ڪجهه ڏينهن اڳ لاهور جو دورو ڪيو هو، هاڻ هن سنڌ جي دوري جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ سهيل آفريدي چيو ته عمران خان جو پيغام کڻي اچو رهيو آهيان، سنڌ تيار رهي، سڀني دوستن سان 9 جنوري جمعي تي ملاقات ٿيندي.