جمهوريت بچائي، آمر ڀڄايو، مفاهمتي بادشاهه ئي سياسي بحران حل ڪري سگهي ٿو، اسان طرف هٿ وڌيا ته جواب ڏينداسين: بلاول/ آصف

جمهوريت بچائي، آمر ڀڄايو، مفاهمتي بادشاهه ئي سياسي بحران حل ڪري سگهي ٿو، اسان طرف هٿ وڌيا ته جواب ڏينداسين: بلاول/ آصف

نئون ديرو(رپورٽ: نادر ابڙو/نويد لاڙڪ/شاھه محمد لاشاري/نورمحمد سومرو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي شهادت باوجود پاڪستان کپي جو نعرو هڻي ملڪ ۽ جمهوريت بچائي، آمر کي ڀڄايو، مفاهمت جو بادشاهه صدر زرداري ئي پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍي سگهي ٿو،  سياسي بحران مان نڪرڻ لاءِ  اڄ نه ته سڀاڻي مفاهمت ضروري آهي ۽ مفاهمت کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سياسي انتهاپسندي کي ڇڏڻو پوندو وفاقي حڪومت صوبن جا اختيار کسڻ بدران انهن کي وڌيڪ ذميواريون ڏئي، ايف بي آر کان وڌيڪ بهتر نموني ٽيڪس گڏ ڪري ڏيکارينداسين، وفاق جا مسئلا ۽ پريشانيون اسان جون آهن، اهي ختم ڪرڻ گهرون ٿا، ڳڙهي خدابخش ڀٽو  ۾ محترمه بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي تقريب  واري جلسي کي خطاب ڪندي  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاق سان گڏجي معاشي بحران حل ڪرڻ چاهيون ٿا، بجلي ورڇ ڪمپنين مان وفاق پنهنجي جند آجي ڪري ۽ اها ذميواري به صوبن کي ڏئي، بجلي، گئس جا بل، راشن يا علاج هر شئي غريب جي برداشت کان ٻاهر آهي، عوام وٽ پئسو گهٽ ۽ خرچ وڌيڪ آهي، پ پ جي منشور سان عوام انهن مسئلن مان نڪري سگهي ٿو، بلاول ڀٽو چيو ته  27هين ترميم ۾ جتي خدشا هئا، اتي اعتراض وارياسين ۽ پيپلزپارٽي صوبن جا حق بچائي ورتا، 27هين ترميم ذريعي آئيني عدالت جو قائم ٿيڻ پيپلزپارٽي جي ڪاميابي آهي، پ پ چيئرمين پي ٽي آءِ کي مخاطب ٿيندي چيو ته 9 مئي جهڙا حملا ۽ ادارن کي گاريون ڏيڻ سياست جي دائري ۾ نٿو اچي، سياسي بحران مان نڪرڻ لاءِ  اڄ نه ته سڀاڻي مفاهمت ضروري آهي ۽ مفاهمت کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سياسي انتهاپسندي کي ڇڏڻو پوندو، بلاول ڀٽو  وڌيڪ چيو ته مودي فيلڊ مارشل عاصم منير جو نالو ٻڌي لڪي وڃي ٿو، ڳڙهي خدابخش جي قربانين کان بغير ڀارت سان جنگ ۾ فتح ممڪن نه هئي، ڀارت اڃا تائين شڪست هضم ناهي ڪري سگهيو. 18 سال گذري چڪا آهن، انهن قوتن، قاتلن ۽ دهشتگردن جي لاءِ سڀ کان وڏو جواب توهان آهيو. جيڪي هر سال پاڪستان جي چئني صوبن کان هتي وڏي تعداد ۾ جمع ٿي پوري دنيا کي اهو پيغام ڏيندا آهيو ته ڪالهه به بيبي بي زندهه هئي، اسان توهان جي ساٿ ۽ محبت جو شڪر گذار آهيون. هن ئي ساٿ ۽ محبت سان اوهان کي طاقت ملندي آهي، اسان ان طاقت کي اسلام آباد کڻي وڃي توهان جي مسئلن جو حل ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون.اسان پنهنجو دفاع ڪري سگهون صدر زرداري چين مان اُهي هوائي جهاز گهرايا جن ڀارت جا 6 ئي جهاز ڪيرائي هن جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي اندر اندروني مسئلا توهان کان لڪيل ناهن، معاشي، دهشتگردي، سيڪيورٽي، سياسي بحران وارا مسئلا آهن، اسان جي ڪوشش آهي انهن بحرانن جو مقابلو ڪري پاڪستان جي عوام کي هنن مسئلن مان ڪڍون. پارليامينٽ ۾ 27 هين آئيني ترميم منظور ڪرائي، پاڪستان جي پارليامينٽ ۾ ڪيتريون ئي آئيني ترميمون پاس ڪرايون آهن پر 27 هين آئيني ترميم جي حوالي سان اوهان جا ڪجهه اعتراض ۽ شڪايتون هيون حڪومت جي 18 هين ترميم جي تجويز اين ايف سي جي آئيني تحفظ، صوبن جي حقن واريون هيون، مان سمجهان ٿو ته اها توهان، پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن جي تمام وڏي ڪاميابي آهي جو ان ترميم جي تڪراري ترميمن کي توهان نه مڃيو ۽ جن ترميمن سان پاڪستان کي فائدو ٿيو ۽ جن تجويزن سان توهان جي منشور جو حصو رهيو ان تي عمل درآمد ڪرايو، مان سمجهان ٿو ته هي اوهان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪاميابي آهي جو توهان سياسي ميدان ۾ صوبن جي حقن، اين ايف سي جي تحفظ کي بچائي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اڻ مڪمل مشن آئيني عدالت ٺاهيو جنهن ۾سڀني صوبن جي برابري جي نمائندگي هوندي ان کان وڌيڪ پيپلز پارٽي لاءِ ڇا هوندي جيڪا ڳالهه قائد عوام شهيد ڀٽو جي شهادت کان ميثاق جمهوريت تائين چوندي رهي ته اسان کي آئيني عدالت ۽ آئيني فورم گهرجي جتي سمورن صوبن جي هڪ جيتري برابري آهي جيڪا پيپلز پارٽي جي ڪاميابي آهي جو توهان 27 هين ترميم ۾ به اها ڪاميابي حاصل ڪئي آهي ان تي به مان توهان کي مبارڪباد ڏيڻ چاهيان ٿو. اسان وڌيڪ ذميواريون کڻڻ لاءِ تيار آهيون ته جيئن پاڪستان ۽ وفاق جي مسئلن کي دور ڪري سگهون شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو آخري پيغام به مفاهمت جو ئي هو، شهيد بيبي پنهنجو آخري ڪتاب به مفاهمت تي لکي، سياسي بحران مان نڪرڻ لاءِ اڄ نه ته سڀاڻي اسان کي ان قسم جي مفاهمت جي ضرورت پوندي، مفاهمت کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سياسي جماعتن ۽ سياسي قيادتن کي سياسي انتهاپسندي کي ڇڏڻو پوندو،  سياسي ڪارڪنن کي واپس سياسي دائري ۾ آڻڻو پوندو، هي جيڪي 9 مئي جهڙا حملا ٿين ٿا يا مختلف ادارن کي ڏينهون ڏينهن گاريون ڏيندا آهن، اهي سڀ سياسي دائري ۾ ناهن هوندا، پيپلز پارٽي جي جيالن کان پڇا ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيڪڏهن نيب مون کي نوٽيس ڏئي ۽ صدر زرداري کي گرفتار ڪيو وڃي ته مان توهان کي چوان ها ته توهان ڪورڪمانڊر هائوس ۽ ڊفينس بيس تي حملو ڪيو ته ڇا توهان جو رويو سخت هجي ها يا نه، اسان سمجهون ٿا ته قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي تي چاڙهيو ويو پر اسان هميشه سياسي اختلاف ڪيو مقابلو ڪيو ۽ ڪامياب ٿياسين اهو ئي ڪارڻ آهي ان کان پوءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي وزيراعظم بڻي سياست جي دائري ۾ رهندي توهان ڏٺو شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان 30 سالن جي جدوجهد ڏسڻي آهي ته ڪهڙو ڪهڙو ظلم شهيد بيبي سان نه ٿيو، 1986ع ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن لاهور ۾ دنيا جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا جنهن ۾ هڪ سياسي اڳواڻ جي لاءِ عوام گڏ ٿيو، اسان سياست جي دائري ۾ رهي مقابلو ڪيو سياسي دائري ۾ نه رهڻ هجي ها ته شهيد بيبي چوي ها ته کيس انتقام گهرجي، شهيد بيبي مينار پاڪستان تي بيهي چوي ها ته انهن جا سر کڻي اچو جنهن شهيد ڀٽو کي ڦاهي ڏني اها پيپلز پارٽي جي سياست ناهي، اهڙي قسم جي سياست سان پاڪستان، عوام ۽ پنهنجي سياسي ڪارڪنن کي نقصان ٿيندو آهي شهيد بيبي پنهنجي زندگي ۾ هميشه اهڙي سياسي انتهاپسندي کي رد ڪري ڇڏيو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت وقت پوري پاڪستان ۾ باهه لڳي وئي ۽ پاڪستان نه کپي نه کپي جا نعرا لڳي رهيا هئا صدر زرداري چيو ته سياست جي دائري ۾ رهي اسان کي مقابلو ڪرڻو آهي ۽ اسان سياست ڪئي ۽ پاڪستان، جمهوريت ۽ ڪارڪنن کي بچايو، آخرڪار ان آمر کي به ڀڄايو. اڄڪلھ جي سياست جو جيڪا رخ آهي ان ۾ عوام جو فائدو ناهي، ملڪ جو نقصان ٿي رهيو آهي، سياسي ورهاست جي ڪري سياست، ملڪ ۽ معيشت توڙي ملڪي سلامتي کي نقصان پهتو آهي، ڪير به اِهو برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي

نئون ديرو: صدر آصف علي زردري چيو آهي ته اسان پاڪستان کپي چئي ملڪ کي بچايو، پاڪستان جو دفاع ڪرڻ ڄاڻون ٿا، بيوقوف شخص دنيا سان لاڳاپا خراب ڪرايا، اسين وڙهڻ نٿا چاهيون پر جيڪڏهن اسان طرف هٿ وڌيا ته جواب ڏينداسين،  اهو وساري ڇڏيو ته ماني هوندي  گولي هوندي، توهان ڇا گوليون هڻندا اسان توهان کي گوليون هڻنداسين، ميدان جنگ ۾ وينداسين، ڀارت پاڪستان جي صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف جهڙو دل گڙدو ڪٿان آڻيندو؟ ڀارت شڪر ڪري اسان ته سندس سمورا جهاز ڪيرائي سگهون پيا. ڳڙهي خدابخش ڀٽو محترمه بينظير ڀٽو جي 18 ورسي تقريب کي خطاب ڪندي صدر زرداري وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڏي ميري اک سان ڏسندڙ ياد رکن ته هتي پيپلزپارٽي ۽ جيالا موجود آهن، ڀارت شڪر ڪري ته اسان لحاظ ڪيو نه ته سمورا جهاز ڪيرائي ڇڏيون ٿا، اسان اهڙو چيف بڻايو جنهن ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو، صدر زرداري چيو ته جڏهن مان جيل ۾ هئس ته ڪڏهن به ورڪرز کي نه چيو ته ٻاهر نڪرو، مون ورڪرز کي اهو چيو ته اوهان پاڻ کي بچايو، مان اڪيلو هِنن جو مقابلو ڪندس، هڪ شخص چئن سالن ۾ دنيا سان اسان جا لاڳاپا خراب ڪيا، آصف علي زرداري چيو ته هي ڏينهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت ۽ پاڪستان کي پيپلز پارٽي طرفان بچائڻ جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن پاڪستان پيپلز پارٽي پاڪستان کي بچايو هو پاڪستان کپي چئي اهو مان نه پر پيپلز پارٽي ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي روح چئي رهي هئي جيڪو مان چيو، الحمدالله پاڪستان بچي ويو ۽ هلي ويو، پاڪستان قيامت تائين هلندو رهندو اسان الله جا شڪر ادا ڪيون ٿا ته الله اسان کي موقعو ڏنو جو اسان فوج جو اهڙو چيف بڻايو، جنهن اکيون اکين ۾ ملائي اسان جي حڪومت جي نگرانيءَ ۾ انڊيا کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو جو کيس خبر پئجي وئي ته هي واڻين جي راند ناهي مودي کي خبر پئجي وئي ته مذاق ناهي، پاڪستان پاڪستان آهي، اسان سڀ ورڪر جنگ جي ميدان لاءِ پاڻ تيار آهيون اسان هٿيار کڻي وڙهڻ ۽ جانين جي قرباني ڏئي مادر وطن کي بچائڻ لاءِ تيار آهيون، توهان وساريو ته ماني هوندي گولي هوندي، اسان گوليون هڻنداسين، توهان ڇا گوليون هڻندا، ۽ توهان ڏٺو ته توهان جون ڄنگهون چار ڏينهن به بيهي نه سگهيون، چار ڏينهن توهان جنگ ڪري نه سگهيا، ايڏي وڏي معيشت ۽ ڏهوڻ تي وڌيڪ پاڻ سمجهو ٿا، چئو ٿا ته اهو دل گڙدو ڪٿان آڻيندا جيڪو اسان جي چيف، صدر، وزيراعظم، چيئرمين، ايئرفورس چيف، آرمي چيف جو آهي ان لاءِ دل، جان، شهادت جي اميد رکڻي آهي، پنهنجي لاءِ شهادت جي دعا ڪرڻي آهي. مون کي  چيو ويو ته جنگ شروع ٿيڻ واري آهي، هن چيو ته بنڪر ۾هلون، مان چيو ته ليڊر بنڪر ۾ ويهي نه پر ميدان تي مرندا آهن اسان سڀ تيار آهيون، جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڌرتي ماءُ کي ضرورت پئي ته اسان پنهنجي جان ۽ مال لڳائڻ لاءِ تيار آهيون پاڪستان کي بيبي ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، حضرت قائداعظم علي جناح جو پاڪستان سمجهي بچائڻو، هلائڻو ۽ رکڻو آهي ، اسان ڪنهن سان جنگ نه ٿا چاهيون، پر جيڪڏهن اسان جي ڳچيءَ ۾ هٿ وجهندو ته اسان کيس چماٽيون هڻنداسين جيئن انڊيا کي هنياسين ۽ جيڪو به اسان جي ڌرتيءَ تي ناسور اکين سان ڏسندو ته اسان جو اهڙو چيف ويٺو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ساڍن چئن سالن دوران هڪ بيوقوف ماڻهو سڄي دنيا سان تعلقات خراب ڪري پاڪستان جي معيشت کي تباهه ڪري ڇڏيو اسان آهستي آهستي پوري دنيا سان ٻيهر تعلقات ٺيڪ ڪيا آهن، مزي جي ڳالهه آهي ته هنن تعلقات ۾ اسان سان جنرل عاصم منير گڏ آهي.