جمهوريت جو راڳ آلاپيندڙ آزادي ۽ علاج جو مطالبو پيا ڪن: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته دنيا  ۾ جمهوريت جي ڳالهه ڪندڙ، عمران خان جي آزادي ۽ علاج جو مطالبو ڪري رهيا آهن، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته جنهن شخص ڪروڙين ماڻهن کي اکيون ڏنيون ان جي پنهنجي نظر هلي وئي، پوري قوم عمران خان جي اک جي وجهه سان تمام گهڻي پريشان آهي، فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته نيشنل ڊائيلاگ ڪميٽي ٺاهي وڃي ۽ ان تي عمل ڪيو وڃي
 

ڪراچي بار جي اڄ رٿيل چونڊ وري عيد تائين ملتوي
 

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان بار ڪائونسل سنڌ بار ڪائونسل کي اڄ رٿيل ڪراچي بار  جون چونڊون ڪرائڻ کان روڪي ڇڏيو، ان ڏس ۾ پاڪستان بار سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته حتمي ووٽر لسٽ،  بيلٽن جي حالت ۽ ڳڻپ بابت مڪمل رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جڏهن ته چونڊ شيڊيول ايندڙ ٻڌڻي تائين معطل ڪيو ويو آهي، سنڌ بار ڪائونسل پاران جوڙيل انتظامي ڪاميٽي ايندڙ تاريخ تائين پنهنجو ڪم جاري رکندي، ووٽر لسٽن تي اعتراضن وارو ڪيس عيدالفطر کانپوءِ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويندو