جمهوريت کي صرف هڪ سياسي نعرو نه، پر عملي حقيقت بڻايو وڃي

جمهوريت کي دنيا ۾ عوامي حڪمراني، بنيادي حقن جي تحفظ، قانون جي بالادستي ۽ اظهار جي آزاديءَ جي ضمانت طور ڏٺو ويندو آهي. جمهوري نظام جو اصل حسن ئي اهو هوندو آهي ته هر شهريءَ کي پنهنجي راءِ ڏيڻ، اختلاف رکڻ ۽ حڪمرانن کان سوال ڪرڻ جو حق حاصل هجي. پر جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ جمهوريت صرف نالي جي حد تائين محدود ٿي وڃي ۽ ان جو روح ختم ٿي وڃي ته پوءِ اهو سوال اٿڻ فطري آهي ته آخر هيءَ ڪهڙي جمهوريت آهي؟اڄ ملڪ جي سياسي ۽ سماجي صورتحال تي نظر وجهجي ته ڪيترائي سوال سامهون اچن ٿا. انساني حقن جي پائماليءَ جا واقعا وڌي رهيا آهن. قانون جي هڪجهڙي عملداريءَ بدران چونڊيل طريقا اختيار ڪيا پيا وڃن. عام شهري پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيو آهي. ڏوهن ۾ واڌ، بدامني، معاشي بيچيني ۽ سماجي انتشار ماڻهن جي روزاني زندگيءَ کي متاثر ڪري رهيا آهن. اهڙي ماحول ۾ عوام کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته سندن بنيادي حق ۽ تحفظ رڳو ڪاغذن تائين محدود ٿي ويا آهن. ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته سماج تي اعصابي ۽ نفسياتي جنگ مسلط ٿيندي نظر اچي ٿي. خوف، غيريقيني ۽ دٻاءَ جي فضا ماڻهن جي سوچ ۽ اظهار کي محدود ڪري رهي آهي. جڏهن شهري هر وقت ڪنهن نه ڪنهن قسم جي دٻاءَ هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي وڃن ته پوءِ جمهوريت جو اصل مقصد ئي فوت ٿي وڃي ٿو. جمهوريت جو دارومدار آزاد ذهنن ۽ بااختيار شهرين تي هوندو آهي، نه ڪي خوفزده ۽ خاموش ماڻهن تي.

سوال اهو به آهي ته ملڪ جو ڪهڙو حصو اهڙو بچيو آهي، جتي مڪمل امن موجود هجي، جتي ماڻهو بنا خوف جي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهن؟ جيڪڏهن صحافي، دانشور، سياسي ڪارڪن ۽ عام شهري پنهنجي خيالن جي اظهار دوران محتاط رهڻ تي مجبور هجن ته پوءِ اظهار جي آزاديءَ بابت ڪيل دعوائون ڪيترو وزن رکن ٿيون؟ جمهوريت ۾ اختلاف راءِ کي ملڪ دشمني نه پر سماجي ۽ سياسي ترقيءَ جو ذريعو سمجهيو ويندو آهي. بدقسمتيءَ سان اختلاف کي برداشت ڪرڻ جي روايت ڪمزور ٿيندي پئي وڃي.حڪمرانن جي حب الوطنيءَ جي به هڪ الڳ وصف پيش ڪئي پئي وڃي. ڄڻ ته وطن سان محبت جو حق صرف اقتدار وارن وٽ محفوظ هجي، جڏهن ته تنقيد ڪندڙ يا مخالف راءِ رکندڙ ماڻهو شڪ جي نگاهه سان ڏٺا وڃن. حقيقت ۾ حب الوطنيءَ جو مطلب شخصيتن يا حڪومتن سان وفاداري نه، پر آئين، قانون، قومي ادارن ۽ عوامي مفادن سان وابستگي آهي. ڪنهن به جمهوري معاشري ۾ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ ملڪ سان دشمني نه پر سڌاري جي هڪ ضروري عمل جو حصو هوندو آهي. افسوس جو ملڪ ۾ سياسي سھپ ۽ برداشت جو دائرو به تيزيءَ سان گهٽجي رهيو آهي. مخالفن کي سياسي حريف بدران دشمن سمجهڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي. جڏهن سياست مان برداشت ختم ٿي وڃي ٿي ته پوءِ جمهوريت به ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿي. جمهوريت جو حسن مخالف آواز کي ٻڌڻ، ان سان اختلاف ڪرڻ ۽ دليل سان جواب ڏيڻ ۾ آهي، نه ڪي ان کي دٻائڻ يا خاموش ڪرائڻ ۾. اهڙي صورتحال ۾ اهو سوال لازمي بڻجي وڃي ٿو ته جمهوري قدر آخر ڪيڏانهن ويا؟ ڇا اهي اصول، جن جي بنياد تي جمهوريت جو تصور قائم آهي، هاڻي صرف تقريرن ۽ بيانن تائين محدود ٿي ويا آهن؟ جيڪڏهن ادارا، قانون ۽ سياسي روايتون عوامي امنگن بدران طاقتور ڌرين جي مفادن جي تابع ٿي وڃن ته پوءِ نظام اهڙو بڻجي وڃي ٿو، جنهن جو ڌڙ ريڍو ۽ سسي ٻاڪري ھوندي آھي. اهڙي عدم توازن واري صورتحال ۾ انصاف، برابري ۽ اعتماد پيدا نٿا ٿي سگهن.

تاريخ گواهه آهي ته جبر ۽ دٻاءُ ڪڏهن به مستقل حل فراهم نه ڪندا آهن. طاقت جي زور تي خاموشي ته پيدا ڪري سگهجي ٿي، پر اتفاق راءِ ۽ دلين جي فتح حاصل نٿي ڪري سگهجي. هر دؤر ۾ جبر جي پاليسين عارضي فائدو ضرور ڏنو آهي، پر ڊگهي مدي ۾ انهن سماجن کي وڌيڪ بحرانن ڏانهن ڌڪيو آهي. ملڪ کي اڄ ان جي ضرورت آهي ته جمهوريت کي صرف هڪ سياسي نعرو نه، پر عملي حقيقت بڻايو وڃي. انساني حقن جو احترام، قانون جي برابري، اظهار جي آزادي، سياسي برداشت ۽ عوامي اعتماد جي بحالي ئي ملڪ کي استحڪام ۽ ترقيءَ جي راهه تي آڻي سگهي ٿي. جمهوريت جو مستقبل به تڏهن محفوظ ٿيندو، جڏهن ان جو روح زنده رهندو. ٻي صورت ۾ صرف نالي ماتر جمهوريت عوام جي مسئلن جو حل نه بڻجي سگهندي.