جمهوريت کي پٽڙي تان لاهڻ نه ڏينداسين،سپريم ڪورٽ پاران لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل، چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديٿون: عدالتي حڪم تي شيڊيول جاري
ڊسمبر 16, 2023
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو آر اوز ۽ ڊي آر اوز بابت فيصلو معطل ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن کي اڄ (ڪالهه) ئي چونڊ شيڊيول جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته عدالت تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ درخواستگذار عمير نيازي کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول جاري ڪرڻ جي عدالت کي خاطري ڪرائي
تفصيل موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سينيئر ججن سان چيف اليڪشن ڪمشنر جي ملاقات کانپوءِ اليڪشن ڪميشن طرفان لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي وئي.اليڪشن ڪميشن جي درخواست تي سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ جوڙي وئي
چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جوڙيل بئنچ ۾ جسٽس طارق مسعود، جسٽس منصور علي شاهه شامل هئا. اليڪشن ڪميشن لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج ڪندي هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي ۽ چيو ته سپريم ڪورٽ 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ واري فيصلي تي عمل ڪرائي، سپريم ڪورٽ ٻڌڻي کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪندي آر اوز ۽ ڊي آر اوز بابت درخواستن تي وڌيڪ ڪارروائي نه ڪرڻ جي به هدايت ڪئي، جڏهن ته بئريسٽر عمير نيازي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو. عدالت فيصلي ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اڄ رات 12 وڳي تائين چونڊ شيڊول جاري ڪري، هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان تضاد آهي
سپريم ڪورٽ موجب 13 ڊسمبر جي حڪم نامي خلاف اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو، لاهور هاءِ ڪورٽ سيڪشن 50 جي سب سيڪشن 1 بي ۽ 51 جي سب سيڪشن 1 کي غير آئيني قرار ڏنو، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ٻڌايو ته اليڪشن ايڪٽ جون اهي ٻئي شقون گذريل چونڊن ۾ به هيون پر ڪڏهن چئلينج نه ڪيون ويون. عدالتي حڪم ۾ لکيو ويو ته عام چونڊن جي معاملي تي تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو، سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس ذريعي چونڊون 8 فيبروري تي طئي ٿيون، سڀني صوبائي حڪومتن سپريم ڪورٽ جي نمائندگي ڪئي هئي، اسان پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڪو به جمهوريت کي ڊي ريل نه ڪري
حڪم نامي موجب اليڪشن ڪميشن وڪيل ٻڌايو ته چونڊن جي حوالي سان قدم کڻي رهيا آهيون، اليڪشن ڪميشن وڪيل چيو ته جيڪڏهن هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رهيو ته 8 فيبروري تي چونڊون نه ٿي سگهنديون، اڄ چونڊ شيڊيول جاري ٿيڻو هو. سپريم ڪورٽ حڪم ۾ لکيو ته عمير نيازي کي توهين عدالت قانون تحت شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو پيو وڃي ۽ ان خلاف توهين عدالت جو ڪيس هلايو ويندو، عمير نيازي ٻڌائي ته ان خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڇو نه هلائي وڃي؟ سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي چونڊن بابت آئيني ذميواريون ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو،
عدالتي ڪارروائي لائيو ڏيکاري وئي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته اميد آهي ته اليڪشن 8 فيبروري تي ئي ٿيندي، چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي تڪڙ هئي جو هن وقت اوهان کي اچڻو پيو؟ وڪيل چيو ته 8 فيبروري تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ اڄ درخواست ضروري هئي، ڊي او آرز ۽ آر اوز بيورو ڪريسي مان وٺڻ جو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ معطل ڪيو، جنهن سان چونڊ عمل رڪجي ويو آهي
پي ٽي آءِ جو موقف آهي ته آر اوز جي مقرري لاءِ چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ سان مشاورت ڪئي وڃي، اليڪشن ڪميشن عدليه کي فيبروري ۾ جوڊيشل آفيسرن لاءِ خط لکيو هو، عدليه ڪيسن جي بار سبب جوڊيشل آفيسر ڏيڻ کان لاچاري ڏيکاري هئي، چيف جسٽس چيو ته ڇا درخواستگذار چونڊون ملتوي ڪرائڻ چاهيون؟ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل ٻڌايو ته درخواستگذار چوي ٿو ته انتظامي آفيسرن جي آر اوز طور مقرري سدائين لاءِ ختم ڪئي وڃي، عدليه مان رٽرننگ آفيسر ورتا وڃن
جسٽس منصور علي شاهه چيو ته اها شق ته ڪڏهن به چيلنج ڪري سگهجي پئي، هاڻ ڇو ڪئي وئي؟ ڇا لاهور هاءِ ڪورٽ سنڌ، ڪي پي ۽ بلوچستان جي آر اوز جو نوٽيفڪيشن به معطل ڪيو؟ چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن به اليڪشن نه ڪرائي، جوڊيشل آفيسر به نه ڪرائن، ته پوءِ ڪير اليڪشن ڪرائي؟ پي ٽي آءِ جو وڪيل آخر ڇا پيو چاهي؟ هاءِ ڪورٽ پنهنجي ئي عدالت خلاف رٽ ڪيئن جاري ڪري سگهي ٿي؟ پي ٽي آءِ جي درخواست تي ئي سپريم ڪورٽ چونڊن جو فيصلو ڏنو هو، عمير نيازي جي هڪ درخواست تي پوري ملڪ ۾ چونڊون روڪجن؟ عمير نيازي جي درخواست ته سپريم ڪورٽ جي حڪم جي توهين آهي
چيف جسٽس قرار ڏنو ته درخواست جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي جي ڪوشش آهي، عمير نيازي ڪير آهي؟ وڪيل ٻڌايو ته بيرسٽر عمير خان نيازي جو تعلق تحريڪ انصاف سان آهي، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن عدليه جا آفيسر چونڊون نه ڪرائن، اليڪشن ڪميشن ۽ ايگزيڪيوٽو به نه ڪرائي ته ڪير اليڪشن ڪرائيندو؟ بادي النظر ۾ چونڊون ملتوي ڪرائڻ ئي مقصد نظر اچي ٿو، اليڪشن ڪرائڻ ڪنهن جي آئيني ذميواري آهي؟ جج صاحب کي چئو ته پاڻ چونڊون ڪرائي، خبر ناهي عدليه ڪهڙا حڪم جاري ڪري رهي آهي، ڇا اهو آرڊر ڏيندڙ جج مس ڪنڊڪٽ جو مرتڪب ناهي ٿيو؟ چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج مس ڪنڊڪٽ ڪيو آهي؟ درخواست آئي، لڳي به وئي
اسٽي آرڊر ڏيندڙ جج ئي لارجر بينچ جو سربراهه به بڻجي ويو. چيف جسٽس چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو جج پنجاب کان ٻاهر معاملن تي ڪيئن فيصلو ڏئي سگهي ٿو، ڇا لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس باقر نجفي مس ڪنڊڪٽ ڪيو؟ چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ چيو هو ته ڪير به جمهوري عمل ۾ رنڊڪ نه وجهندو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج مس ڪنڊڪٽ ڪيو، جج رڳو پنجاب نه پر پوري ملڪ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج حدون اورانگهيون جنهن سان پوري ملڪ ۾ چونڊ عمل رڪجي ويو، ڪنهن کي جمهوريت ڊي ريل ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، درخواستگذار جمهوريت کي ڊي ريل ڪرڻ ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي توهين ڪئي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙا ماڻهو آهن جيڪي اليڪشن نٿا چاهين؟
چيف جسٽس چيو ته ڇا پي ٽي آءِ چاهي ٿي ته ملڪ ۾ چونڊون نه ٿين، اصل مقصد ته اهو ئي لڳي ٿو، سڀاڻي چوندا اسان کي عدليه تي اعتماد ناهي، انهن جي چوڻ سان ڇا ٿيندو، جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين مان رٽرننگ آفيسر ورتا هئا؟ ڪيترا آر اوز هئا، جسٽس سردار طارق مسعود پڇاڻو ڪيو ته نوٽيفڪيشن معطل ٿيو ته اوهان تربيت ڇو روڪي؟ 7 ڏينهن جي ٽريننگ هوندي آهي هڪ ڏينهن جي ٿي چڪي هئي، سپريم ڪورٽ چونڊون ڊي ريل ڪرڻ کان روڪيو هو، ڪير اليڪشن جي رستي ۾ رنڊڪ آهي؟ چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته عدليه مان اهڙا حڪم اچڻ حيران ڪندڙ آهن، چونڊ شيڊول ڪڏهن جاري ٿيڻو هو؟ وڪيل ٻڌايو ته اڄ اليڪشن شيڊول جاري ٿيڻو هو، چيف جسٽس چيو ته اليڪشن شيڊول ڏيکاريو ڪٿي آهي، اڄ ئي شيڊول جاري ڪريو ۽ اسان کي ڏيکاريو. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چونڊ شيڊول جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي
اليڪشن ڪميشن عدالتي حڪم بعد چونڊ شيدول جاري ڪري ڇڏيو، عام چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، نامزدگي ڪاغذ 19 ڊسمبر کان حاصل ڪري سگهبا، جيڪي 20 کان 22ڊسمبر تائين جمع ڪرائي سگهبا، اميدوارن جي چونڊ فهرست 23 ڊسمبر تي جاري ڪئي ويندي، اسڪروٽني جو عمل جو 24 کان 30 ڊسمبر تائين جاري رهندو، اميدوارن جي حتمي فهرست 11 جنوري تي جاري ڪئي ويندي، اميدوارن کي چونڊ نشان 13 جنوري تي جاري ڪيا ويندا، نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ جي آخري تاريخ 12 جنوري 2024ع رکي وئي آهي، نامزدگي منظور يا رد ٿيڻ تي اپيل داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ 3 جنوري 2024 هوندي، 10 جنوري 2024ع اپيلن تي اپليٽ اٿارٽي جي فيصلن جو آخري ڏينهن هوندو.