سکر جي سريلي صوفي شاعر بيدل جون سون ورنيون سٽون آھن:
”ماءُ مڙھين ۾ ماٺ ڏٺي مون
جوڳي جيڪس ويا جبروت!“
جمھوريت جي مٿان جڏھن به مشڪل وقت آيو آھي ته ھن ملڪ جي سياسي پارٽين پنهنجو پاڻ ملھايو آھي. ھي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو آھي جو پاڪستان جون سياسي فضائون ايتريون ته سڃيون آھن، جو انهن گونگين گھٽين ۾ ڪنهن سوڳ جو به ڦيرو نظر نه ٿو اچي. گذريل ڀيري 26ھين ترميم کان ڪجھ اڳ جڏھن فوجي عدالتن جي قيام لاءِ پارليامينٽ جي اجازت گھربل ھئي، تڏھن اسان کي سينيٽر رضا ربانيءَ جي اکين ۾ لڙڪ نظر آيا ھئا پر ان کان پوءِ ملڪ جي سياسي اسٽيج تي اھڙا منظر نمودار ٿيا آھن، جو ھاڻي انهن اکين ۾ افسوس جو اظھار ڪندڙ لوڻياٺي پاڻيءَ جو ڪو قطرو به باقي نه بچيو آھي – جن اکين ۾ ڪڏھن شعور جون شمعون روشن نظر اينديون ھيون. غالب لکيو ھو ته، “رنج روايت بڻجي وڃي ته ماڻھوءَ لاءِ مشڪل به آسان بڻجي ويندي آھي”.
پاڪستان جو دانشور پرائيم منسٽر ذوالفقار علي ڀٽو سپريم ڪورٽ ۾ ڏنل پنهنجي بيان ۾ مرزا غالب جو مٿيون شعر پيش ڪندي پنهنجي پاران اختلاف جو اظھار ڪيو ھو ۽ چيو ھو ته، “غالب غلط لکيو آھي ته مشڪلاتون ڪڏھن به آسان نه ٿينديون آھن” پر پاڪستان ۾ آئين سان هٿچراند جي روايت ھاڻي ملڪ جي سياسي حلقن لاءِ ان طرح سان تشويش جو باعث نه ٿي بڻجي، جيئن اڳ ھئي. ڇا ملڪ جو سياسي ماحول احساساتي حوالي سان حساس نه رھيو آھي يا سياست ۾ اھو طبقو ۽ اھو ڪلاس باقي نه بچيو آھي، جيڪو آئين مٿان آمريت جو پاڇو به برداشت نه ڪندو ھو؟ جيڪو جمھوريت لاءِ ھر قسم جي قرباني پيش ڪرڻ لاءِ پيش پيش ھوندو ھو. وقت جو وھڪرو اھي لاتيون ۽ باتيون به لوڙھي ويو، جنهن ۾ عزم ۽ ولولو ھوندو ھو. ھاڻي ڪنهن کي ياد آھي پنجاب جي ضمير جو اھو آواز، جنهن جو نالو حبيب جالب ھو! اھو حبيب جالب، جنهن جنرل ضياءَ جي دور ۾ آئين مٿان ڪيل آمريتي حملن جي نتيجن ۾ آندل ترميمن خلاف عورتن جي احتجاج ۾ شريڪ ٿي پوليس جو تشدد به برداشت ڪيو ھو ۽ ان تشدد جو منظوم احوال پنهنجي ھڪ شعر ۾ ڪجھ ھن طرح سان پيش ڪيو ھو ته:
“بڑے بنے تھے جالب صاحب، کھڑے سڑک کے بیچ،
لاٹھی کھائی، گالی کھائی، گرے سڑک کے بیچ”
اڳ آمريتي حربن جي جيتري مزاحمت ملڪ جا ترقي پسند شاعر ڪندا ھئا، ايتري روڪ ٽوڪ ڪندا اھي سياستدان به نظر نه ٿا اچن، جن پنهنجي مٿان سمجھوتو ائين مڙھي ڇڏيو، جيئن ملڪ مٿان موجوده حڪمرانن پنهنجي مرضيءَ جو جمھوري لبادو ويڙھيو آھي. ھن وقت ملڪ جو سياسي ماحول اھڙو بڻجي ويو آھي، جنهن ۾ مزاحمت جو پري پري تائين ڪو پاڇو نظر نه ٿو اچي. جڏھن ته آئين، انصاف ۽ اصولن جو دائرو ان تحريڪ انصاف کان گھڻو ڪشادو ھجڻ گھرجي، جنهن جي سياست سان بيزاري ملڪ جي سياسي ڪلچر جي مضبوط روايت بڻجي وئي آھي.
27ھين ترميم جي سلسلي ۾ جيڪو به غم ۽ غصو آھي، سو سوشل ميڊيا تائين محدود آھي. جڏھن ته سوشل ميڊيا جو ھر سنيهو اھو جر ڦوٽو آھي، جيڪو گھڻي وقت تائين پنهنجي وجود کي قائم رکي نه ٿو سگھي. ھڪ وقت اھڙو به ھو، جڏھن آئين ۽ قانون جي پاسداريءَ لاءِ ڪارا ڪوٽ ڪوڙ جي قلعن جون دوکي واريون ديوارون ڊاھڻ لاءِ لانگ مارچون ڪندا نظر ايندا ھئا ۽ انهن جلوسن ۾ نعرا نغمن جي صورت گونجندا ھئا. پر ھاڻي اھو سڀ ڪجھ پراڻي فيشن جيان مضحڪه خيز محسوس ٿي رھيو آھي. ڇا اصول به نوان پراڻن لباسن جيان لاھي پائي سگھجن ٿا؟
پاڪستان جي حوالي سان ھن مھل تائين جيڪي ڪجھ سنجيده ڪتاب لکيا ويا آھن، انهن ۾ اھا دعويٰ ڪئي وئي آھي ته ھن ملڪ ۾ جمھوريت جي اسري نسري نه سگھڻ جو اھم سبب اھو آھي ته جمھوريت جو ٻوٽو جنهن ڪونڊيءَ ۾ لڳايو ويو آھي، ان کي ان ٻوٽي جي واڌ ويجھ ڪڏھن ڪريڪ ڪري پنهنجي جڙ کي ان مٽيءَ سان نه جوڙيو آھي، جنهن جي باري ۾ ھاڻي اھي دعوائون ڪيون پيون وڃن ته ھن ملڪ جي مٽي، فضا ۽ ھوا ان فصل لاءِ موزون ناھي، جيڪو فصل جمھوريت جي جھول ڀري سگھي. ھونءَ ته عمومي طور تي دنيا ۾ سنجيدگي سياست کان سري پري ڪجھ پاسيرو ٿي وئي آھي پر پاڪستان جھڙا اھي ملڪ، جيڪي خصوصي طور جمھوريت کان پري رکيا ويا، انهن ملڪن ۾ اھي امڪان به ھٽايا پيا وڃن، جن ۾ سڀاڻي بااصول آئيني سياست جا جمھوري جذبا پيدا ٿي به سگھن ٿا.
پاڪستان جي تاريخ جمھوريت طرف اچڻ جي جدوجھد ۽ جمھوريت کان پري ڌڪڻ جي پرتشدد ڪوشش جو طويل داستان آھي. دنيا جي سمورن انسانن وانگر ھن ملڪ جا ماڻھو به پنهنجي عزت ۽ آزاديءَ لاءِ جذباتي رويو رکن ٿا. پاڪستان جو ڪو اقتدار پرست آمر ڪجھ به چوي پر اتهاس ان حقيقت جو حامي رھيو آھي ته جڏھن به ڪنهن جمھوريت جو جھنڊو جُهولايو آھي ته ان طرف عوامي انبوھ ھر خوف جي ڀت کي ڀوري پھتا آھن. ايوب کي پنهنجي آمريتي ھٿڪنڊن سميت اقتدار مان ھٿ ڪڍڻا پيا ۽ جنرل ضياءَ آمريڪي ساٿ سميت پنهنجي آمريتي سرڪار کي ڪڏھن به سگھارو نه سمجھيو. جنرل ضياءَ ھر قسم جي ڪوشش ڪئي پر ھن جي حڪومت مقبول ته ڇا پر ڪڏھن محفوظ ۾ نظر نه آئي. ان جو سبب عوام جي دلين ۾ موجوده جمھوري امنگن جي پاسداري اھا سياسي قيادت ڪري رھي ھئي، جنهن تي عوام کي اعتبار ھو. عوام جي ان اعتبار کي ان سياسي قيادت بعد حيلن ۽ بهانن سان ڀٽڪائي اڄ ان موڙ تي پھچايو ويو آھي جو آئين جي تحفظ لاءِ ڪنهن تحريڪ جو امڪان ان طرح سان اجاڳر نه ٿو ٿئي، جيئن ھن ملڪ جي ماضيءَ ۾ ھوندو ھو.
جمھوريت جو قافلو سياست جي صحرا ۾ پنهنجي واٽ ڪيئن وڃائي ويٺو ۽ واعدي واري منزل تائين مسافرن جي نه پھچڻ پويان به ڪا پلاننگ ھئي. اھا پلاننگ جيڪا هن وقت پوري طرح سان پڌري ٿي آئي آھي. پاڪستان ھن وقت سياسي مورڇا جي اثر ۾ آيل ھڪ اھڙو ملڪ بڻجي ويو آھي، جنهن ۾ جمھوريت مخالف پاليسيون اھو اعلان ڪري عمل ۾ آنديون پيون وڃن ته اھي جمھوريت کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻ جو سچيون ڪوششون آھن. جمھوريت جو جمود ۾ آيل نظريو ناھي. جمھوريت ڪو اھڙو سياسي فارمولو ناھي، جنهن جي ھڪ ھڪ لفظ کي جيئن جو تيئن عمل ۾ آندو وڃي. جيڪڏھن سرد جنگ جي دور ۾ سوشلزم جھڙي سائنسي نظرئي جا به مختلف عملي مظھر دنيا جي ملڪن ۾ لاڳو ھئا ۽ روسي توڙي چيني سوشلزم کان سواءِ يورپي سوشلزم جو پنهنجو الڳ اظھار ھو ۽ پاڪستان ۾ ان نظرئي کي پنهنجي مخصوص حالتن جي حوالي سان ذوالفقار علي ڀٽو نهايت نئين طرح سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو ته جمھوريت ته اڳواٽ ئي تمام لچڪدار سوچ واري سياست جو روپ سروپ آھي. دنيا ۾ جمهوريت جا مختلف ماڊلز ھلي رھيا آھن ۽ ھر ملڪ لاءِ الڳ جمھوري فڪر ۽ فھم تجويز ڪرڻ تي اصرار به ٿي رھيو آھي پر ان حقيقت کي ھزارن اختلافن جي باوجود به تسليم ڪيو ويندو آھي ته جمھوريت جا الڳ انداز پنهنجي جاءِ تي پر جمھوري فڪر جا سمورا چشما جنهن واديءَ ۾ ڪٺا ٿي ھڪ درياھ جي صورت اختيار ڪن ٿا، اھو درياھ عوامي آزادين جو روان دوان سلسلو آھي.
جمھوريت جو سادو ۽ سچو مطلب عوام کي وڌيڪ آزاد ۽ وڌيڪ بااختيار بڻائڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ٿي سگھي!؟ جمھوريت جي سلسلي ۾ ھر سوچ ۽ ھر لوچ کي جنهن ھڪ ڪسوٽيءَ تي پرکي سگھجي ٿو، اھا ڪسوٽي عوام آھي. جمھوريت جي نالي ۾ جيڪو فيصلو عوام جي حق ۾ ھجي، اھو جمھوري آھي ۽ جيڪو فيصلو عوام کي حقن کان محروم رکي، اھو غير جمھوري آھي. حقيقي جمھوري فيصلا عوام کي آزاد ۽ بااختيار بڻائين ٿا. پاڪستان ۾ جيڪڏھن ڪنهن سبب جي ڪري ڪنهن آئيني ترميم جو فيصلو ڪرڻ لازمي آھي ته ان جي اھا ضرورت به مڪمل طرح سان پيش ٿيڻ گھرجي، جيڪا عوام جي حق ۾ ھجي. ان سلسلي ۾ اھا ڳالھ به ذھن نشين ٿيڻ گھرجي ته جيڪو فيصلو عوام جي حق ۾ ھوندو، اھو فيصلو ملڪ جي خلاف ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.
جمھوريت مٿان ٿيل سوين تنقيدن جي باوجود به ان سياسي سوچ جو جھنڊو ھن مھل تائين دنيا ۾ لھرائجي رھيو آھي ته ان جو سبب عوام جي تسليم ڪيل اھا حيثيت آھي، جنهن کي ھن مھل تائين ڪو فڪر ۽ فھم رد نه ڪري سگھيو آھي. ڇو ته جڏھن به جمھوريت کي جنهن به رخ کان پرجھيو ۽ پيش ڪيو ويو آھي ته ان مان ساڳي سمجھ ۽ ساڳي سچائيءَ جي مھڪ محسوس ٿي آھي. ڇا اوھان دنيا جو ڪو اھڙو امير ملڪ ٻڌائي سگھو ٿا، جنهن جو عوام غريب ھجي! ڇا دنيا ۾ اھڙو ڪو غريب ملڪ ممڪن ٿي سگھي ٿو، جنهن جو عوام امير ھجي! امير عوام جو ملڪ امير ۽ غريب عوام جو ملڪ لازمي طور تي غريب ھوندو. ساڳي طرح سان مضبوط ۽ محب وطن عوام جو ملڪ مضبوط ھوندو ۽ محفوظ به ھوندو. ملڪ ۽ عوام جي ھڪجھڙائيءَ وارو اھو فارمولو فڪري ۽ عملي آزاديءَ کي به پاڻ ۾ سمائي ٿو. آزاد عوام کان سواءِ آزاد ملڪ جو تصور خام خيالي کان سواءِ ڪجھ ناھي.
انسان جي ارتقاءَ جو سفر ڏکن کان سکن ۽ پابندين کان آزادين طرف وک وڌائڻ جي واٽ، اتو پتو آھي. انسانيت جي سفر جي تاريخ تڪليفن سان تهذيبن جي آبياريءَ جو عظيم داستان آھي. اسان جنهن سياسي ماحول ۾ ڦاٿل آھيون يا ڦاسايا ويا آھيون، انهن ۾ ڪجھ فردن جي مفاد لاءِ عوامي مفاد مخالف فيصلا ڪيا پيا وڃن ۽ انهن فيصلن کي قومي مفادن جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. فردن جا مفاد قومن جي مفادن کان مٿانهان نه ھجڻ واري سوچ جنهن سياست طرف اشارو ڪري ٿي، اھا جمھوري سياست آھي. ان جمھوري سياست لاءِ جڳ جھان ۾ جيڪي روايتون قائم آھن، ھي ترميمي ڪوششون انهن روايتن جي روح سان تِر جيتري ھم آھنگي نه ٿيون رکن.