پاڪستان جي نامياري دانشور مُبشّرِ حسن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”شاھراھِ انقلاب“ جلد اؤل جي صفحي نمبر – 294 تي لکيو آهي ته، ”اِهو چوڻ جي ضرورت ناهي ته ڪو هُو (محمد علي جناح) هِڪَ عظيم ليڊر هو. درحقيقت هُو ويهين صديءَ ۾ برِصغير جي عظيم ترين ليڊرن مان هِڪَ هو!“ قائداعظم محمد علي جناح جي شخصيت، هُن جي زندگيءَ جي سمورن پاسن، سندس ڪم ڪار کي تنهن وقت جي برصغير جي مخصوص سياسي حالتن جي پسمنظر ۾ پرکڻ جي ضرورت آهي. ايم ڪي گانڌيءَ جو سياست ۾ مذهب جو استعمال، ڪانگريس جي مجموعي طور پاليسين، صوبن – مرڪزي سياست واري لائين ۾ محمد علي جناح جي سياست، جدوجهد ۽ گانڌيءَ – سموري ڪانگريسي قيادت جون پاليسيون. اِهي سمورا معاملا، واقعا جڏهن حقيقيءَ معنا جي دورانديشي، انصاف پسندي، ايمانداري سان جاچبا، پرکبا تڏهن ئي ڪا مثبت ۽ بهتر راءِ قائم ٿي سگهندي. گڏيل هندستان جي سياسي تاريخ اندر گهڻو متضاد بڻيل يا بڻايل اِنتهائي دورانديش، سيڪيولر، پنهنجي ڳالهين ۾ سڌو، پنهنجي موقف تي ثابت قدم رهندڙ سياستدان قائداعظم محمد علي جناح بابت اسان وٽ هر مڪتبه فِڪر سان سلهاڙيل مختلف ماڻهن جا الڳ الڳ ۽ مختلف خيال آهن. ۽ حقيقت هيءَ آهي ته چند ماڻهن کي ڇڏي اسان جي سماج اندر محمد علي جناح سان اڄ سوڌو انصاف ڪو به نه ڪري سگهيو آهي. اجيت جاويد جو ”سيڪيولر اينڊ نيشنلسٽ جناح “ ڏاڍو شاندار ۽ ڪارائتو ڪتاب آهي پر اُن ۾ گهڻي حد تائين سندس سيڪيولر ۽ روشن خيال پاسي کي بحث هيٺ آندو ويو آهي. ائين ئي وولپرٽ کان ويندي هيڪٽر بوليٿو تائين ڪُجھ مؤرخ اِهڙا ڳڻائي سگهجن ٿا، اُنهن سڀني منجهه وري گهڻي حد تائين ڊاڪٽر عائشہ جلال جو ڪتاب The Sole spokesman پڻ وڏي حد تائين بهتر ۽ ڪافي پاسا کڻي هلندڙ آهي. جنهن ۾ ليکڪا جناح صاحب، مسلم ليگ جي سياست ۽ پاڪستان لاءِ اُن جي گهر کي بنياد بڻايو آهي، ان جي ڪري اهو ڪتاب ڏاڍو منفرد ۽ وڻندڙ آهي. توڙي جو عائشه جلال طرفان اُٿاريل ڪُجھ نقطن تي مان اڃا تائين سهمت نه پيو ٿيان يا سندس اُن موقف کي عجيب ٿو ڀانيان، جنهن ۾ هُن گڏيل هندستاني سياست ۾ جناح کي مرڪزيت پسند يا مضبوط مرڪز جو حامي ڏيکاريو آهي. ڪتاب جي مطالعي بعد ڪافي ڳالهيون بحث هيٺ آهن ۽ ڪافي سوال آهن، جن جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ضروري آهي. انھن ۾ عائشہ جلال مطابق هِڪَ ڳالھ جيڪا منفرد آهي، جنهن جو ذڪر زاهد چوڌري پڻ پنهنجن ڪتابن خاص ڪري” سنڌ – مسئله خودمختياري ڪا آغاز“ ۾ پڻ ڪيو آهي، سا هيءَ ته جناح صاحب ”ليگ“ اندر مرڪزيت جو حامي هو، يعني هُو بنيادي طور پنهنجي سياسي موقف يا عملي سياسي ميدان ۾ ته ڪمزرو وفاقي نظام ۽ صوبائي خودمختياريءَ جو حامي هو پر مسلم ليگ جي اندروني معاملن ۾ شديد مرڪزيت پسند هو. اِن نقطي کان ڪافي تضاد شروع ٿين ٿا يا نوان بحث کلن ٿا. هي ئي اُها ڳالھ آھي، جنھن طرف زاهد چوڌري پڻ پنهنجي مٿي بيان ڪيل ڪتاب ۾ ڪافي دفعا ذڪر ڪيو آهي يا اِن طرف اشارو ڪيو آهي. بقول عائشہ جلال جي ته، ”ڪيڏي نه مزيدار ڳالهه آهي جو جناح اِن معاملي ۾ ڪانگريس جي ماڊل کي اپنايو، يعني ليگ کي centralise ڪيو“. اِنهيءَ موقف جي تسلسل ۾ هُوءَ وڌيڪ لکي ٿي ته: ”جڏهن مسلم ليگ ڊسمبر 1943 ۾ ڪراچي جي سيشن ۾ پنهنجي مرڪزي صلاحيتن /اختيارن کي مضبوط ڪرڻ جو عزم ڪيو/تقويت بخشي ته اِن عمل صرف پيشي ۽ عملي واٽ جي وچ ۾ فرق کي واضح ڪيو ، وڏين دعوائن ۽ ڪنٽرول جي ننڍين/اصلي حقيقتن وچ ۾ ، جيڪو ڪنٽرول ليگ اڃا تائين پنهنجي هٿيارن يعني صوبن ۾ واضح استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي هئي………. مرڪزي پارلياماني بورڊ ٻين ڪوشش هئي مرڪزيت ڏنهن قدم جي، صوبائي پارلياماني بورڊ اُن جي ماتحت هوندا ۽ اُن کي پارٽي اندر تضادن جي حل ڪرڻ، ٽڪيٽون ورهائڻ جو اختيار پڻ حاصل هوندو. “( پڙهو عائشه جلال جو ڪتاب The Solespokesman- صفحو – 89)
هاڻي اِن مٿي بيان ڪيل ڊاڪٽر عائشه جلال جي موقف جي جواب ۾ هندستان جي مشهور تاريخدان بيمل پرشاد پنهنجي ڪتاب ”پاڪستان طرف روان دوان جلد – 3 صفحہ 570“ ۾ لکي ٿو، جنهن ۾ هُن عائشه جلال جي خيالن جي ترديد ڪئي آهي ته ڪو محمد علي جناح مضبوط وفاق جو حامي هو. هُو لکي ٿو ته، ”عائشه جلال جا کل جوڳا ۽ انوکا خيال رد ڪرڻ قابل آهن. بيمل پرشاد مطابق ته، ”1924 ۾ ليگ جي سالياني جلسي جي قرارداد کان وٺي، مسلم ليگ جي قراردادن جي ڪنهن به هِڪَ جملي ۾ به ڪا شاهدي نه ٿي ملي ته ڪو جناح مضبوط مرڪزي حڪومت جي حق ۾ هو. تمام شاهدين کي نظرانداز ڪندي عائشه جلال چئي ٿي ته جناح پوري هندستان لاءِ مضبوط مرڪز چاهيندو هو. جناح وزارتي مشن منصوبو قبول ڪيو، جيڪو ڪمزور وفاق تي مشتمل هو م“. ( پڙهو شاھراھِ انقلاب ليکڪ مبشر حسن 293 صفحه)
ٻي وري هي ڳالھ جناح صاحب سان منسوب ڪئي ويندي آهي ته هُو گڏيل هندستان اندر ته صوبائي خودمختياريءَ جو حامي هو پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هُو پنهنجي اِن موقف تان دستبردار ٿي ويو، جنهن ۾ ڪراچيءَ جي دارالحڪومت کان ويندي بلوچستان آپريشن ۽ سرحد حڪومت بابت کنيل عملن کي ڳڻايو ويندو آهي. ڊاڪٽر عائشہ جلال پاران آء. بي. سي. يو اُردو کي ڏنل هِڪَ انٽرويو ۾ اِن مفروضي بابت هي ڳالهه واضح ڪئي آهي، جنهن ۾ هُن کان اِن قسم جي سوالن سميت سرحد صوبي جي حڪومت جي برطرفي، بلوچستان آپريشن ۽ ٻين واقعن جي تسلسل ۾ جناح بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هُو چوي ٿي ته، ”اِنهن واقعن کي اُن وقت جي معروضي حقيقتن جي تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي. جناح صاحب ڪانسٽيٽيوشنلسٽ هيمو. هُن ڪڏهن به آئين جي انحرافي نه ڪئي. اسان ورهاڱي بعد گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935 اختيار ڪيو، جنهن ۾ شق 93 تحت مرڪزي حڪومت صوبائي حڪومتن کي برطرف ڪري پئي سگهي. صوبي سرحد ۾ ڪانگريس جي حڪومت هئي. جنهن کي اقتدار تان هٽائڻ لاءِ آئين جي اُن شق جو استعمال ڪيو ويو. جنهن کي جناح صاحب جو قدم قرار ڏنو ويندو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته هُن سڄي ڪارروائي جمهوريت جي دائري ۾ رهي ڪئي. ۽ آئين جي ڪا به خلاف ورزي نه ڪئي. توهان جناح صاحب بابت هر دفعي ڳالھ ڪندا آهيو ته هُن بلوچستان ۾ آپريشن ڪيو، مگر توهان مونکي اِهو ٻڌايو ته انڊيا ڇا ڪيو؟ نهرو حيدرآباد ۽ ڪشمير ۾ فوج موڪلي. ڇا اُهو جمهوري عمل هو؟ توهان ٿورو سوچيو ماضيءَ جي هر واقعي کي اُن دؤر جي حقيقتن جي تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي“.
اِن سان گڏ منهنجي خيال ۾ رڳو هي ڳالهه به درست ناهي ته محمد علي جناح جي آڙ وٺي پاڪستان ۾ ننڍين قوميتن خلاف ٿيندڙ سمورن ظلمن جي اصلي ذميوارن کي آجو ڪري ڇڏجي. دراصل پاڪستان ٺهڻ شرط ئي هِڪَ مخصوص ٽولو سموري ملڪي ڪار وهنوار تي قبضو ڄمائي ويهي رهيو. پوءِ سمورا مامرا پنهنجي من پسندي تحت هلايا ويا، جنهن ۾ پاڪستان ۾ شامل ننڍين قومن جي حقن جي ميسارڻ، وسيلن جي ڦرلٽ، سندن تاريخي تشخص تي وار سميت ٻيا کوڙ ڪڌا ڪم ڪيا ويا، جيڪي محمد علي جناح جي واٽ جي بلڪل برخلاف هئا، بلڪه وفاق تي قابض اُن مخصوص ٽولي جي مفادن وٽان هئا. اُهو قابض گروھ ھو ڳٺ جوڙ هو، جن آئين، قانون کان مٿانهان قدم کڻندي پاڪستان جي سموري نظام کي مفلوج بڻايو ۽ صوبن جا حق غضب ڪندي ملڪ دشمنيءَ جون سموريون حدون لتاڙيون. پاڪستان جو ناميارو اسڪالر پروفيسر حمزه علوي لکي ٿو ته، ”پاڪستان جي تاريخ جون ٻه حقيقتون بلڪل واضح آهن، جڏھن ته اُنهن ۾ تضاد پڻ آهي. هِڪَ ته رياست ۾ فوج ۽ بيوروڪريسي ڳٺ جوڙ جي حاوي هجڻ بابت آهي. فوج ۽ بيوروڪريسي ڳٺ جوڙ جي رياستي طاقت ۽ اقتدار مٿان بالادستي اُن وقت کان ئي قائم ٿي چڪي هئي، جڏهن کان هي رياست 1947 کان وجود ۾ آئي هئي. هي عمومي تاثر صحيح ناهي ته فوج ۽ نوڪر شاهي جو غلبو آڪٽوبر 1958 جي فوجي انقلاب کانپوءِ قائم ٿيو“.(پڙهو: پاڪستان، رياست اور اس کا بحران صفحہ 19). هِن ڳالھ ۾ هُن عمومي پاڪستان جي سياسي تاريخ اندر گهڻن جي ذهن ۾ موجود اُن عمومي تاثر ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ننڍين قوميتن جي وجود، حقن، وسيلن جي ڦرمار پٺيان ذميوار ڌر صرف جناح ئي هو. جنهن جي پاليسين سببان هي سمورو ماحول جڙيو. درحقيقت، اصلي حقيقتون اِن جي بلڪل اُبتڙ آهن، جن طرف پروفيسر حمزه علوي اشارو ڪيو آهي. يعني هي ته ڦرلٽ ڪندڙ ٽولو شروع کان ئي ملڪ تي قابض ٿي ويو، جنهن ۾ هِڪَ طرف شروع ۾، طاقتور بيوروڪريسي، پوءِ فوج بڻي.