جناح قومي تراني جي مخالفت ڪئي، نهرو ان سان اتفاق ڪيو: مودي

جناح قومي تراني جي مخالفت ڪئي، نهرو ان سان اتفاق ڪيو: مودي

نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي انڊين قومي تراني “وندي مارترم” کي 50 سال اڳ اپوزيشن جماعت جي اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌي طرفان لڳايل ايمرجنسي سان جوڙيندي ڪانگريس تي تنقيد ڪري ڇڏي، نريندر مودي وندي ماترم جي 150هين سالگرهه جي موقعي تي لوڪ سڀا ۾ ٿيندڙ بحث دوران اپوزيشن تي قومي تراني جو احترام نه ڪرڻ جو الزام هنيو.هن جواهر لعل نهرو تي به الزام هنيو ته هن وندي ماترم جي مخالفت ۾ پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي پيروي ڪئي هئي، ڇو ته سندس خيال ۾ ان سان ”مسلمانن ۾ شر“ پکڙجي پئي سگهيو.ندريندر مودي چيو ته جڏهن وندي ماترم جي 100هين سالگرهه ملهائي وئي ته ان وقت ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائي وئي هئي ۽ آئين کي گهٽو ڏنو ويو هو.