جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس بابت اجلاس

جُون 19, 2025

جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس بابت  اجلاس

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ ريسرچ سينٽر جائزو بابت اجلاس ڪوٺايو ويو.

وزيراعظم شهباز شريف چيو جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس سڄي علائقي لاءِ بهترين طبي سهولتن ۽ جديد طبي تحقيقي سامان سان ليس اسپتال هوندو،

وزيراعظم پاران منصوبي جي تعمير جي سڀني مرحلن ۾ 100 سيڪڙو شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي

اجلاس ۾ جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ۽ ريسرچ سينٽر جي تعمير بابت اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي.

بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي حوالي سان چين، ترڪي، ڏکڻ ڪوريا ۽ سنگاپور ۾ روڊ شو منعقد ڪيا ويا آهن.

شوز دوران عالمي شهرت يافته ڪمپنين جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو،

جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير جي حوالي سان ٻه ڪانفرنسون پڻ منعقد ڪيون ويون، جنهن ۾ 10 ملڪن جي 33 ڪمپنين شرڪت ڪئي

جناح ميڊيڪل ڪمپليڪس جي تعمير لاءِ 600 ڪينال زمين حاصل ڪرڻ جو عمل تيزي سان جاري آهي، وزير اعظم کي آگاهي ڏني وئي ته ماهرن/صلاحڪارن جي مقرري لاءِ بين الاقوامي سطح تي اشتهار ڏنو ويو آهي .

اجلاس ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، قومي صحت وارو وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال، پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر سعيد اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين سخت بيمار، لنڊن جي اسپتال ۾ داخل

  • پريالوءِ ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾نوجوان قتل

  • جهڏو: لاڪ اپ مان فرار جوابدار ڪراچي مان گرفتار

  • نيب جوڪنڌڪوٽ ۾ڇاپو، خوراڪ کاتي جي عملدارن کان جاچ