لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جناح هائوس تي حملي جي مذمت ڪريان ٿو،
پهريان به ڪئي ۽ هر پاڪستاني مذمت ڪري ٿو، ان سان پاڪستان جي بدنامي ٿي، ايئن نه ٿيڻ گهرجي ها
عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته ميڊيا کي پنهنجو گهر کولي ڏيکاري ڇڏيو،
دهشتگردن جي موجودگي واري ڳالهين ۾ ڪا صداقت ناهي
هن چيو ته خوف جي فضا ۾ ملڪ نٿو هلي سگهي، پي ڊي ايم جي قدمن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي ڪري ملڪ جي بدنامي ٿي،
7 هزار ماڻهن کي گرفتار ڪري پي ڊي ايم ڦاسي پئي، انهي بنياد تي چوندو هيس هفتي ۾ معاملا ٺيڪ ٿي ويندا
هوڏانهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ عمران چيو ته منهنجون همدرديون انهن سان گڏ آهن
جن تي دٻاءُ وجهي پارٽي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي
هن چيو ته انهن سينئر ميمبرن کي سلام پيش ڪريان ٿو جيڪي پارٽي ڇڏرائڻ جي دٻاءَ باوجود مزاحمت ڪري رهيا آهن