لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) جناح هائوس تي حملي جي مک جوابدار خديجه شاهه گرفتاري ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو اڳوڻي ناڻي وزير سلمان شاهه جي ڌيءُ خديجه جي مبينا آڊيو سوشل ميڊيا تي سامهون آئي آهي
خديجه شاهه چوي ٿي ته آئون گرفتاري ڏيڻ وڃي رهي آهيان اهو فيصلو ان ڪري ڪيو آهي جو گذريل 5 ڏينهن مون لاءِ تمام ڏکيا گذريا آهن مون کي پنهنجي پرواهه ناهي منهنجي فيملي سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو آهي اهو قابل برداشت ناهي رات جو گهر ۾ گهڙي منهنجي والد ڀاءُ ۽ مڙس کي اغوا ڪيو ويو آهي آئون نٿي چاهيان ته منهنجي ڪري منهنجي فيملي پريشان ٿئي
ان کان اڳ پوليس اڳوڻي ناڻي واري وزير سلمان شاهه جي ڌيءَ خديجه شاهه جي گرفتاري لاءِ سندس گهر تي ڇاپو هنيو پر هوءَ گهر جي پوئين در کان ڀڄي وئي
پوليس خديجه شاهه جي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته خديجه جناح هائوس حملي جي مک جوابدار آهي خديجه شاهه جي والد سلمان شاهه ۽ ڀاءُ کي حراست ۾ وٺڻ واري ڳالهه غلط آهي پوليس ذريعن موجب عمر شيخ نالي شخص خديجه شاهه کي پناهه ڏني هئي