لاهور(مانيٽرنگ ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي 3 ڪيسن ۾ 2 جون تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي
جناح هائوس حملي ڪيس ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت واري درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، عدالت عمران جي عبوري ضمانت منظور ڪندي کيس جاچ ۾ به شامل ٿيڻ جو حڪم ڏنو
عدالت عمران خان کي 1-1 لک جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي