جناح هائوس حملو: پنجاب حڪومت ڌار جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي، نوٽيفڪيشن جاري

مَي 27, 2023

لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) جناح هائوس تي حملي واري ڪيس ۾ پنجاب حڪومت جاچ لاءِ ڌار جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي، 5 رڪني جي آءِ ٽي ذميوارن جو تعين ڪندي

9مئي واقعن دوران ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملو ڪيو ويو جنهن دوران وڳوڙين هائوس اندر ڀڃ ڊاهه ڪري باهيون ڏنيون هيون ۽ اتان سامان به کڻي ويا هئا

هي به پڙهندا

گهرو وزارت پنجاب پاران جناح هائوس حملي ڪيس جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

ايس ايس پي انويسٽيگيشن اقبال ٽائون کي جي آءِ ٽي جو ڪنوينر مقرر ڪيو ويو آهي

پنجاب حڪومت پاران 9مئي واقعن تي 10 جي آءِ ٽيز قائم ڪيون ويون هيون لبرٽي چوڪ تي احتجاج ٿيو هو جناح هائوس سوڌو مختلف هنڌن تي حملا ڪري باهيون ڏنيون ويون هيون

جناح هائوس حملي تي ڌار جي 8 رڪني آءِ ٽي جوڙي وئي آهي جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي

Leave A Comment