پوليس ڇاپي دوران اڳوڻي ناڻي وزير جي ڌيءَ خديجه شاهه فرار، مڙس گرفتار

مَي 21, 2023

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) 9مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروايون جاري آهن، پوليس ذريعن موجب اڳوڻي ناڻي واري وزير سلمان شاهه جي ڌيءَ خديجه شاهه جي گرفتاري لاءِ سندس گهر تي ڇاپو هنيو پر هوءَ گهر جي پوئين در کان ڀڄي وئي

پوليس خديجه شاهه جي مڙس کي گرفتار ڪري ورتو پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته خديجه جناح هائوس حملي جي مک جوابدار آهي خديجه شاهه جي والد سلمان شاهه ۽ ڀاءُ کي حراست ۾ وٺڻ واري ڳالهه غلط آهي پوليس ذريعن موجب عمر شيخ نالي شخص خديجه شاهه کي پناهه ڏني هئي

لاڳاپيل پوسٽون

  • اسان جا ٻار حميرا اصغر جيان ڪو نه مرندا : فضا علي

  • لاڙڪاڻو: عورت رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

  • جمشيد دستي جا تعليمي سرٽيفڪيٽ جعلي قرار

  • ريلوي کاتي 11 ٽرينن کي خانگائڻ جو فيصلو ڪري ورتو