جناح هائوس حملو: 16 شرپسند وڌيڪ ڪارروائي لاءِ فوجي عدالتن حوالي

مَي 25, 2023

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران 16 شرپسندن خلاف وڌيڪ ڪارروائي فوجي عدالتن حوالي، ڪمانڊنگ آفيسر جي استدعا منظور ڪئي وئي

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ جناح هائوس کي باهيون ڏيڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي لاءِ ڪمانڊنگ آفيسر 16 شرپسندن جي حراست گهري

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪمانڊنگ آفيسر جي استدعا منظور ڪري ورتي

عدالت اڳوڻي ايم پي اي ميان اڪرم سوڌو 16 ڄڻن کي ڪمانڊنگ آفيسر حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو

عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پراسيڪيوشن ڪمانڊر جي درخواست تي اعتراض نه ڪيو

ڪمانڊنگ آفيسر موجب جوابدار آفيشل سيڪريٽ تحت قصور قرار آهن

فيصلي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جوابدارن خلاف آرمي ايڪٽ 1952 تحت ٽرائل به ٿي سگهي ٿو

جوابدارن خلاف وڌيڪ ڪارروائي آرمي ايڪٽ تحت ڪئي ويندي

Leave A Comment