جناح هائوس حملي سوڌو 6 ڪيسن ۾ عمران جي ضمانت ۾ 8 آگسٽ تائين واڌ

جُولاءِ 21, 2023

لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) جناح هائوس تي حملي سميت 6 ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 8 آگسٽ تائين واڌ ڪئي وئي

دهشتگردي ٽوڙ عدالت لاهور جي جج عبهر گل جناح هائوس حملي سميت 6 ڪيسز جي ٻڌڻي هلائي، پي ٽي آءِ چيئرمين عبوري ضمانت جو مدو ختم ٿيڻ تي اي ٽي سي آڏو پيش ٿيو

پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف جناح هائوس، عسڪري ٽاور ۽ شادمان ٿاڻي تي حملي جا به ڪيس داخل ٿيل آهن، ظل شاهه قتل ڪيس ۽ وڳوڙي ڪاررواين جي ٻن ڪيسز ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي عبوري ضمانت تي فيصلو محفوظ ٿيل آهي

وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين  جي عبوري ضمانت ۾ 8 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي

 

Leave A Comment