| جنت مرزا کي ڪاسٽ ڪرڻ وڏي تباهي هئي: سيد نور |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني فلم انڊسٽري جي مشهور هدايتڪار ۽ پروڊيوسر سيد نور مشهور ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا کي پنهنجي فلم ۾ ڪاسٽ ڪرڻ جي فيصلي کي ”تباهي ڪندڙ تجربو“ قرار ڏئي ڇڏيو، تازو ئي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ انٽرويو ۾ سيد نورچيو ته جنت مرزا کي پنهنجي فلم ۾ وٺڻ تباهيءَ کانسواءِ ڪجهه به نه هو. هن اعتراف ڪيو ته فلم تي محنت ڪئي هئي، انهي باوجود ڏسندڙ سينيما گهرن تائين نه پهتا. هن چيو ته ماضيءَ ۾ فلمي ستارن جي پنهنجي خاص آڊينس ( مداح ) هوندي هئي، ماڻهو پسنديده اداڪارن جي نئين فلم جو بي چينيءَ سان انتظار ڪندا هئا پر هاڻي حالتون بدلجي چڪيون آهن. موجوده دور ۾ صرف شهرت يا سوشل ميڊيا فالوئنگ ڪنهن فلم جي ڪاميابيءَ جي ضمانت ناهي.