| جنرل باجوه فيض حميد کي منهنجي گرفتاري جو حڪم ڏنو: رانا ثناءُ |
لاهور(م ڊ) وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُالله چيو آهي ته هڪ ملاقات جي دوران اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوه اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ فيض حميد کي چيو ته رانا تمام گهڻو ٿلهو ٿي ويو آهي ان کي ٻيهر اسمارٽ بنايو. وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءُالله هڪ انٽرويو جي دوران دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جي دور ۾ معاملا فيض حميد، جنرل (ر) باجوه ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي مرضي سان هلي رهيا هئا ائين ٿي نٿو سگهي ته ڪو حاضر سروس آفيسر آرمي چيف جي مرضي کان سواءِ ڪوڙو ڪيس ٺاهي ۽ ٻئي ڏينهن انهي جو ڪورٽ مارشل نه ٿئي. راڻا ثناءُالله چيو ته هڪ بريفنگ دوران جنرل باجوه ۽ فيض حميد سان ڳالهيون ٿيون، جنرل باجوه چيو ته رانا گهڻو ٿلهو ٿي ويو آهي، جيل ۾ تمام گهڻو اسمارٽ هو، فيض، رانا صاحب کي ٻيهر اسمارٽ بنايو، انهي تي مون جنرل باجوه کي چيو ته مون تي ڪيس اوهان ئي ٺاهيو، الله هن دنيا ۾ انهي جو حساب ضرور وٺندو.