جنرل راحيل ۽ باجوا خلاف سازش نه ڪئي، انتقام نه احتساب چاهيان ٿو: نواز شريف

ڊسمبر 13, 2023

لاهور(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي سربراهه ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته انتقام وٺڻ نه ٿو چاهيان حساب وٺڻ ته ٺهي ٿو، 8 فيبروري تي وڏي عدالت لڳندي، خبر پوندي ته ڪير سسلين مافيا آهي ۽ ڪير عوام سان سچو آهي، مون ڪڏهن به جنرل باجوا ۽ فيض حميد خلاف سازش نه ڪئي، مون جنرل راحيل شريف خلاف به سازش نه ڪئي هئي، پارٽيءَ جي پارلياماني بورڊ جي اجلاس کي خطاب دوران نواز شريف وڌيڪ چيو ته  سازش ۾ ڪير ڪير شريڪ هئا انهن جو پتو لڳائڻ گهرجي، چيو وڃي ٿو ته مان انتقام وٺڻ لاءِ آيو آهيان، ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته انتقام نه وٺندس پر حساب ڪتاب وٺڻ ته ٺهي ٿو. نواز شريف چيو ته ججز منهنجي لاءِ سسلين مافيا ۽ گاڊ فادر جهڙا رمارڪس ڏنا، ڇا ججز کي هڪ چونڊيل وزيراعظم لاءِ اهڙا رمارڪس جڳائين پيا، منهنجي خلاف اهڙو فيصلو ٻڌايو ويو جيڪو دنيا ۾ مذاق بڻجي ويو، نواز شريف پاڻ سان ٿيل زيادتي وساري سگهجي ٿو پر ملڪ خلاف سازش کي ڪيئن وساري.  اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ساڻس جيڪو به ٿيو سو ٿيو پر سزا پاڪستان کي ملي، کيس ۽ سندس خاندان کي سزا اصل ۾ 25 ڪروڙ عوام کي سزا آهي. نوازشريف چيو ته گهرواريءَ سان ڳالهائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا درخواست ڪئي پر سندس ڳالهه نه ڪرائي وئي، اهي اهڙا زخم آهن، جيڪي ڪڏهن به ڀرجي نه ٿا سگهن، سندس خلاف ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي جج جو مانيٽرنگ لاءِ لڳايو ويو.

Leave A Comment