جنرل (ر) فيض خلاف 9 مئي جي به جاچ هلندڙ

جنرل (ر) فيض خلاف 9 مئي جي به جاچ هلندڙ

ڪراچي: گذريل سال 10 ڊسمبر تي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل تحت فيض حميد کي باضابطا چارج شيٽ ڪيو ويو. انهن چارچز ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هئڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان رسائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل هو. آءِ ايس پي آر موجب فيض حميد تي پرتشدد ۽ بدامني جي ڪيئي واقعن ۾ نوَ مئي سان لاڳاپيل واقعا پڻ جاچ ۾ شامل آهن.