جنم ڏينهن: آمريڪا کي ٽوٽا چٻائيندڙ گوريلا جنگجو چي گويرا

جُون 14, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) آمريڪا کي ٽوٽا چٻائيندڙ گوريلا جنگجو چي گويرا جي اڄ 95هين سالگرهه ملهائي پئي وڃي، چي گويرا ارجنٽينا ۾ پيدا ٿيو ۽ ڪيوبا جو انقلابي اڳواڻ هو، جيڪو کاٻي ڌر جو هيرو بڻجي ويو

موت اچڻ تائين جاري رهندڙ جدوجهد جي ڪا حد ناهي، دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اسان ان کان لاتعلق نٿا رهي سگهون، سامراج خلاف ڪنهن هڪ ملڪ جي فتح اسان جي فتح ۽ ڪنهن ملڪ جي شڪست اسان جي شڪست آهي

اها ڳالهه چي گويرا موت کان ٻه سال اڳ الجزائر ۾ ايفرو ايشين ساليڊيرٽي سيمينار ۾ پنهنجي آخري بين الاقوامي خطاب دوران چئي هئي

ارنسٽو گويرا ڊي لا سرنا جيڪو چي گويرا جي نالي سان مشور ٿيو، چي گويرا 14 جون 1928ع تي ارجنٽينا جي علائقي روساريو جي هڪ مڊل ڪلاس گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، هن بيونس آئيرز يونيورسٽي مان طب جي تعليم حاصل ڪئي، ان دوران کيس ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا ۾ گهڻي سفر جو موقعو  مليو

هن وڏي پيماني تي پکڙيل غربت ، ظلم ۽ جبر جو مشاهدو ڪيو ۽ مارڪسزم ۾ دلچسپيءَ کيس ان ڳالهه تي قائل ڪيو ته ڏکڻ ۽ وچ آمريڪا جي مسئلن جو واحد حل هٿياربند انقلاب آهي

سال 194ع ۾ هو ميڪسيڪو ويو ۽ ايندڙ سال ۾ هو ڪيوبا جي انقلابي اڳواڻ فيڊل ڪاسترو سان مليو، 26جولاءِ جي تحريڪ ۾ ڪاسترو سان گڏ شموليت اختيار ڪئي ۽ ڪيوبا جي ڊڪٽيٽر بتيستا خلاف گوريلا جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو

ڪاسترو سال 1559ع ۾ بتيستا جو اقتدار ختم ڪيو ۽ ڪيوبا ۾ اقتدار سنڀاليو، 1559ع کان 1961ع تائين چي گويرا نيشنل بينڪ جو صدر هو پوءِ صنعت بابت وزير رهيو، ڪيوبا جي سفارتڪار طور دنيا جو سفر ڪيو

آمريڪا جي سخت مخالف جي حيثيت ۾ هن ڪاسترو جي حڪومت کي سويت يونين سان اتحاد ۾ مدد فراهم ڪئي جڏهن ته آمريڪا پاران واپاري پابندين ۽ ناڪام سڌارن بعد ڪيوبا جي معيشت بدحال ٿي، ان مشڪل وقت دوران چي گويرا ڪيوبا جي ٻين اڳواڻن سان وڙهڻ شروع ڪيو

چي گويرا خواهش جو اظهار ڪيو ته هو دنيا جي ترقي پذير ملڪن جي ٻين حصن ۾ انقلاب پکيڙڻ چاهي ٿو ۽ پوءِ سال 1965ع ۾ ڪاسترو اعلان ڪيو ته چي گويرا ڪيوبا ڇڏي ڏنو آهي

ڪتاب چي گويرا جي ڊائري ۾ هن پاران ڪاسترو کي لکيل ٻن خطن جو به ذڪر آهي جن مان هڪ ۾ هو لکي ٿو ته مون کي لڳي ٿو ته مون پنهنجي فرض جو اهو حصو ادا ڪري ڇڏيو آهي جنهن مون کي ڪيوبا جي سر زمين ۽ انقلاب سان جوڙي رکيو، جنهن ڪري آئون توهان کان، ساٿين کان ۽ عوام کان جيڪي منهنجا ٿي چڪا آهن انهن کان رخصت ٿيان ٿو

چي گويرا پنهنجي ٻارن جي نالي خط ۾ لکيو ته توهان جو والد هڪ اهڙو ماڻهو هو جنهن جيڪو سوچيو ان تي عمل ڪيو، يقين ڪريو هُو پنهنجي نظريي سان مڪمل طور وفادار رهيو، ياد رکو جيڪڏهن ڪا شيءِ اهم آهي ته انقلاب، ان جي مقابلي ۾ اسان جي ذات، اسان جو وجود ڪا اهميت نٿو رکي

چي گويرا ڪيترائي مهينا آفريڪا، ڪانگو ۾  گذاريا، باغي فوج کي تربيت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان جون ڪوششون رائيگان ويون ۽ سال 1966 ۾ هو ڳجهي نموني ڪيوبا موٽي ويو

ڪيوبا کان بوليويا وڃي ريني بارنتوس اورتونو جي حڪومت خلاف باغي فوجن جي قيادت جو فيصلو ڪيو، آمريڪي فوج جي مدد سان بوليويئن فوج کيس ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو

9آڪٽوبر سال 1967 تي بوليويا جي ڳوٺ لاهيگورا ۾ چي گويرا جي ڳجهي نموني تدفين ڪئي وئي، سال 1997ع ۾ ان جي باقيات جي خبر پئي جنهن کي ڪڍي ڪيوبا واپس آندو ويو

بي بي سي موجب ڪتاب چي گويرا جي ڊائري ۾ هڪ مضمون فيڊل ڪاسترو جو به آهي جنهن ۾ هو لکي ٿو ته اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته چي وڙهندي مارجي ويو، پستول جون گوليون ختم ٿي چڪيون هيون، رائفل به بيڪار ٿي وئي هئي، کيس بيوسي ۾ جيئرو گرفتار ڪيو ويو هو، فوجي آفيسرن کيس قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو

وسعت الله خان سال 2007ع ۾ بي بي سي لاءِ لکيل پنهنجي لکڻي ۾ چي گويرا کي ڪجهه هن طرح ياد ڪيو: چي گويرا پنهنجي مختصر زندگي ۾ ڇا نه ڪيو، رگبي ۽ شطرنج جو کلاڙي، دمي جو مريض، ڊاڪٽر، فوٽوگرافر، موٽر بائيڪ رائيڊر، شاعر، گوريلا ڪمانڊر، والد، مڙس، ڊائري نويس،اديب ۽ انقلابي ….

البرٽو ڪوردا پاران چي گويرا جي ورتل تصوير 20هين صدي جي هڪ معروف علامت بڻي

Leave A Comment