سنڌ جي ادبي، ثقافتي ۽ نشرياتي تاريخ ۾ جيڪڏهن ڪي اهڙا نالا ڳڻجن، جن ريڊيو، ٽيليويزن، اسٽيج، فلم ۽ تدريس جي هر ميدان ۾ هڪ ئي وقت پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪئي هجي، ته انهن مان رشيد صابر جو نالو نمايان حيثيت رکي ٿو. هو رڳو هڪ ڊرامه نويس نه، پر هڪ دور، هڪ فڪر ۽ هڪ روايت هو، جنهن پنهنجي قلم وسيلي سماج کي آئينو ڏيکاريو ۽ فن کي مقصد سان جوڙي رکيو.
رشيد صابر 10 جنوري 1945ع تي موجوده ضلعي سجاول جي تعلقي جاتي ۾ جنم ورتو. والد صاحب سندس نالو عبدالرشيد ولد عبدالله مينڌرو رکيو. پاڻ هڪ مذهبي ۽ علمي گهراڻي سان تعلق رکندا هئا، جتي دين جي علم ۽ اخلاقي قدرن کي بنيادي حيثيت حاصل هئي. انهيءَ سبب ئي سندن شخصيت ۾ علم، شائستگي ۽ فڪري گهرايون ننڍپڻ کان ئي نمايان رهيون. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي مشهور مدرسي “الفَيض” مان حاصل ڪيائون، جتي فقه ۽ حديث مان فيضياب ٿيا. بعد ۾ حيدرآباد جي اورينٽل ڪاليج مان اديب فاضل (مولوي فاضل) جي سند حاصل ڪيائون. تدريسي زندگيءَ جي شروعات نور محمد هاءِ اسڪول مان ٿي، جتي پاڻ عربي ٻوليءَ جو استاد مقرر ٿيا. علم سان محبت کين اڳتي وڌائيندي رهي ۽ هن سنڌ يونيورسٽي مان بي اي ۽ ايم اي جون ڊگريون به حاصل ڪيون. پاڻ سنڌي سان گڏ اردو، عربي ۽ فارسي ٻولين تي به مڪمل عبور رکندا هئا.
رشيد صابر جون علمي خدمتون وسيع دائري ۾ پکڙيل آهن. اسلامي مطالعي (Islamic Studies) تي سندن لکيل ٻه ڪتاب بي اي ۽ ايم اي جي نصاب جو حصو رهيا. ان کان علاوه مشهور ڪتاب “صفاالضمائر” جو سنڌي ترجمو “ماٽيؤ تن ملير” جي نالي سان ڪيو، جنهن علمي حلقن ۾ وڏي پذيرائي ماڻي. سندن ٻين تصنيفن ۾ “مولوي عبدالرشيد مينڌرو کان وٺي رشيد صابر تائين” (جنهن ۾ سندن زندگي ۽ مختلف شخصيتن جا تاثرات شامل آهن)، “رشيد صابر جا چونڊ ريڊيو ڊراما” ۽ تازو شايع ٿيل ڪتاب “رشيد صابر جا ٽي وي ڊراما” شامل آهن.
ريڊيو پاڪستان سان رشيد صابرؒ جو ناتو هڪ روشن باب جي حيثيت رکي ٿو. 1965ع جي پاڪ- ڀارت جنگ کان پوءِ، جڏهن جنگي قيدين جي واپسي شروع ٿي، تڏهن پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد لاءِ يادگار ڊرامو “نيٺ ڦٽنڊي باک” لکيو، جنهن ٻڌندڙن جي دلين کي ڇهي ورتو. پاڻ ريڊيو لاءِ لڳ ڀڳ 300 ڊراما لکيائون، جن ۾ سماجي، اصلاحي، مذهبي ۽ مزاحيه موضوع شامل هئا. مشهور مزاحيه پروگرام “گلدستو” جو اسڪرپٽ به سندن ئي قلم مان نڪتل هو.
ريڊيو پاڪستان سندن خدمتن جي اعتراف طور 2001–2002ع جو بهترين رائيٽر ايوارڊ عطا ڪيو، جڏهن ته سندن وفات کان پوءِ ٻه ڀيرا صدارتي ايوارڊ لاءِ نامزدگيون پڻ ٿيون.
پي ٽي وي تي به رشيد صابر نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. معلوماتي پروگرام “وينجهار ۽ پرک” لاءِ سوال جواب لکيائون، جڏهن ته “واءَ سواءَ”، “حال احوال” ۽ “ناٽڪ رنگ” ۾ شادي شان واري، ڪشمڪش، دل جي دنيا جهڙن پروگرامن لاءِ به معياري ڊراما تحرير ڪيائون. پاڻ اعجاز عليم عقيلي، بيدل مسرور، محمد بخش سميجو، هارون رند، ذوالفقار نقوي، الطاف سومرو، فدا سومرو، اشفاق منگي، سلطانه صديقي سميت ڪيترين ئي نامور شخصيتن سان ڪم ڪيائون.
ڪيترن ئي نجي سنڌي ٽي وي چينلن لاءِ به سندن لکيل ڊراما نشر ٿيا. نجي چينلن لاءِ لکيل مشهور ڊرامن ۾ “ساحل کان پري”، “منهنجو ڪهڙو قصور”، “زندگيءَ جو زهر”، “چوڏهينءَ جي رات” ۽ “آئينو” شامل آهن.
1979ع ۾ ڪراچي اسٽيچ تي سنڌي ناٽڪ “فلور نمبر ون” سان پاڻ اسٽيج ڊرامي جو بنياد مضبوط ڪيائون. ان کان پوءِ درجنين مقبول اسٽيج ڊراما لکيائون، جن ۾ “هڪ انار ٻه بيمار”، “قرض مرض فرض”، گھوٽ اڻ موٽ“، “شادي يا بربادي”، “واھ سائين واھ “، “وليداد ويل ۾“ ، “شادی کي شيدائي“، “ھل پنھل“، “کٽي آيو خبر سان“، “دلگير دامن گير” ۽ “مڪس پليٽ” اڄ به ياد ڪيا وڃن ٿا.
سنڌي فلم انڊسٽري جي ترقيءَ ۾ به رشيد صابر جو ڪردار اهم رهيو. پاڻ ڪيترين سنڌي فلمن ۽ اردو فلم “آخري گولي”، ٽي قيدي، گھاتو گھر نه آيا، ھو جمالو، جانو ڌاڙيل، مھراڻ جا موتي، برسات جي رات، سھڻا سائين، طوفان، ڦل ماڇي، سرويچ، ضد جون ڪهاڻيون لکيون ۽ اداڪاري به ڪئي.
رشيد صابر جي عظمت انهيءَ ڳالهه مان به ظاهر ٿئي ٿي ته سندن فن اڄ به زندهه آهي. سندن فرزند رضوان صابر (ليکڪ) اڄ به والد صاحب جي لکيل اسٽيج ڊرامن کي پنهنجي هدايتڪاريءَ هيٺ پيش ڪري، هن فڪري ۽ فني ورثي کي اڳتي وڌائي رهيو آهي.
رشيد صابر رڳو هڪ فرد نه، پر هڪ ادارو هو. سندن قلم، سندن فڪر ۽ سندن خدمتون سنڌ جي ثقافتي تاريخ جو هڪ روشن باب آهن، جيڪي هميشه ياد رکيا ويندا.