| جنن جي بادشاهه گاجي شاهه جو ميلو شروع، عقيدتمند پهچي ويا |
ٽنڊو رحيم خان (ن پ ا) جنن جي بادشاهه پير گاجي شاھ جو ساليانو ميلو اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ھزارين جي تعداد ۾ زائرين عقيدتمند پهچي ويا، گاجي شاھ جي درگاھ تي ميلي دوران سوين کٿي وارا فقير به آيل آھن جيڪي سُرندي جي سازن تي جِن ڪڍڻ جو عمل ڪري رهيا آهن. فقيرن موجب ميلي جي ٽنھي ڏينھن دوران سوين مردن توڙي عورتن تي سُرندي جا ساز وڄائي جن ڪڍڻ جون رسمون ادا ڪيون وينديون، ميلي ۾ عوام جي تفريح لاءِ جھولا، سرڪس، موت جو کوھ سميت مختلف راندين جا انتظام، کاڌي پيتي لاءِ مٺائي ۽ ٻين شين جا ڪيترائي اسٽال پڻ قائم ڪيا ويا آھن.