| جنهاڻ سومرو ۾ نينگري اغوا ڪندڙ مولوي پوليس حوالي |
ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) بلڙي شاھ ڪريم جي جنهاڻ سومرو جي ديني مدرسي ۾ 12 ڏينهن اڳ 9 سالا معصوم نينگري زڪيرا رند کي اغوا ڪري مختلف هنڌن تي قيد ڪندڙ جوابدار مولوي عبدالسلام سومرو ۽ نينگري کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو ، عدالتي ڪاروائي ذريعي اغوا جي بعد بازياب ٿيل نينگري زڪيرا رند 161 جي بيان ۾ پنهنجي والدين سان رهڻ جو بيان قلمبند ڪرايو ، جنهن ۾ نينگري جو اڄ ٻيهر 164 جو بيان عدالت ۾ قلمبند ڪرايو ويندو، جنهن جي ڪري عدالتي حڪم تحت معصوم نينگري کي حفاظت طور ٽنڊو محمد خان جي سيف هائوس موڪليو ويو آهي. اغوا واري واردات ۾ ملوث ڄاڻايل مک جوابدار مدرسي جي مولوي عبدالسلام سومرو کي ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي بلڙي شاھ ڪريم پوليس حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان حسيب جاويد سومار ميمڻ چيو آهي ته پوليس واقعي جي وڌيڪ جانچ ڪري رهي آهي، جنهن ۾ معصوم نينگري جي نڪاح ۾ شامل مولوي ۽ سندس سهولتڪارن کي گرفتار ڪيو ويندو، کين ڪا به رعايت نه ڏني ويندي. هوڏانهن اغوا جي بعد بازياب ٿيل نينگري جي والد غلام حسين رند ، والده وزيران رند پوليس جي ڪاروائي کي انصاف ڏيارڻ تي سندن ٿورا مڃيا آهن ۽ چيو آهي ته پوليس اسان کي پنهنجي اغوا ٿيل نينگري واپس ڪرائي آهي هاڻي اسان کي عدالت ۾ يقين آهي ته جوابدار کي اغوا جي واردات ۽ معصوم نينگري سان ڪيل ناانصافي جو ازالو ڪري جوابدار کي سخت سزا ڏني ويندي .