مينگورا(پنهنجي ڊيسڪ)نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز نالو کڻڻ بنا بشريٰ بيبي تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته توهان جي ورغلائڻ سان 9 مئي حملن ۾ ملوث عورتون جيلن ۾ آهن، جنهن عورت چوري ڪئي، اُها بني گالا جي محل ۾ ڇو آهي؟
مينگورا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مون کي سهالا ريسٽ هائوس منتقل ۽ اڊيالا جيل ۾ بي ڪلاس جي آڇ ٿي، پر مون اهي سهولتون وٺڻ کان انڪار ڪيو، والد سان اڊيالا جيل وڃڻ کي ترجيح ڏني
مريم نواز چيو ته ڇا ڪي پي جي نوجوانن جو مقدر هنگاما ۽ ڀڃ ڊاهه آهن، توهان جا ٻار لنڊن ۾ ويٺا آهن، پر هتان جا نوجوان جيلن ۾ هجن