| جنهن ملڪ ۾ بجلي هوندي، اهو ئي ترقي ڪندو: شيري رحمان |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان سولر، اسٽوريج ۽ فليڪسيبليٽي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته جنهن ملڪ ۾ بجلي هوندي، اهو ئي ترقي ڪندو. غيراعلانيل لوڊشيڊنگ سبب شاگرد سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا. شيري رحمان چيو ته غريب خاندان سستي ۽ قابلِ برداشت توانائي کان محروم آهن، ملڪ ۾ بجلي جي طلب نصب ٿيل صلاحيت کان گهٽ هجڻ اصل ۾ پلاننگ جو مسئلو آهي. هن چيو ته سولر جي درآمد سان اسٽوريج ۾ واڌ ايندي ۽ نيٽ ميٽرنگ ذريعي ماڻهو گرڊ کي بجلي وڪرو ڪري سگهندا. سولر جي استعمال سبب هن وقت تائين 12 ارب ڊالر جي بچت ٿي چڪي آهي، جڏهن ته هلندڙ سال وڌيڪ 6.3 ارب ڊالر بچت جي اميد آهي. شيري رحمان چيو ته ڊي اي آر تي ڪم ڪرڻ سان ڪاربان جي اخراج ۾ گهٽتائي ايندي، پر حڪومت کي سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.