جنوري ۾ گئس مهانگي ٿيندي: پيٽروليم وزارت کان وضاحت طلب

ڊسمبر 14, 2023

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ جي پيٽروليم بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس سينيٽر عبدالقادر جي صدارت هيٺ ٿيو، سينيٽ ميمبرن ملڪ ۾ پيٽرول ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته آئي ڏينهن گئس جون قيمتون ڇو وڌايون پيون وڃن. جنهن تي ڊي جي گئس ٻڌايو ته پروٽيڪٽيڊ گهريلو صارفين جو گئس ٽيرف ناهي وڌايو ويو، اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين چيو ته هن وقت گئس سيڪٽر جو گردشي قرض 2100ارب آهي. جنهن تي ڊي جي گئس چيو ته سوئي ڪمپنين جو شارٽ فال 700 ارب آهي. گئس جون قيمتون وڌائي اهو شارٽ فال پورو ڪرڻو آهي، گئس جي اگهن ۾ واڌ اڻٽر بڻجي وئي آهي. سياري ۾ گهريلو شعبي کي ايل اين جي، جي فراهمي، ڪراس سبسڊي ۽ ڀاڻ جي شعبي کي سستي اگهه تي گئس جي فراهم واڌ جو سبب بڻيو.  ڪاميٽي ٿڌن ​​علائقن لاءِ ٽن مهينن لاءِ گئس جا فڪسڊ اگهه مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر سينيٽر محسن عزيز ايل اين جي جي استعمال جو بار ننڍن صوبن تي وجهڻ جي پاليسي جي مخالفت ڪري ڇڏي. اسٽينڊنگ ڪاميٽي ايندڙ اجلاس ۾ پيٽروليم واري وزارت کان وضاحت طلب ڪري ورتي.

Leave A Comment