ايران خلاف آمريڪا ۽ ان جي “ڪسترو” طرفان ڪيل اڳرائي کي (هي سٽون لکڻ وقت) هڪ هفتو مڪمل ٿي چڪو آهي. اڳرائي ڪندڙ ملڪن جي سنگين جنگي ڏوهن تي دنيا جي وڏين حڪومتن جي مجرماڻي ماٺ ڪا بلڪل عجيب ڳالهه ناهي، پر عام ماڻهو ان ڳالهه تي ڪاوڙيل آهي ـ پوءِ اهو ڀلي دنيا جي ڪنهن به هنڌ جو هجي. البت هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڪجهه ماڻهو پنهنجي اندر جي خباثت جا مظاهرا ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن. فتوائون ڏنيون پيون وڃن. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين لڳندو آهي ڄڻ پاڪستان جي 25 ڪروڙ آبادي ۾ 70 ڪروڙ مفتِي ۽ علاما ٽيڳريا پيا ھلن. فقير راحمون انهن بدزبانن، تنگ نظر ۽ اجائي بحث ڪندڙ ماڻهن کي “اُلاما” چوندو آهي ته مان کلي پوندو آهيان. انهن “اُلامن” جي فتوائن جي نشاني جي زد ۾ ھاڻوڪن ڏينهن ۾ ٻين ڪيترن سان گڏ مولانا فضل الرحمان به اچي ويو آهي. ٻئي پاسي، سالن کان بيروزگار جماعت اسلامي لاءِ نئين ڪاروبار جو بندوبست ٿي ويو آهي. سچ چون ٿا: “جنهن کي مولا ڏئي، ان کان ڪير کسي”.
سوشل ميڊيا جي مختلف سائيٽن تي بدزبان فتوابازن ۽ ڪفر جي فتوائن جي شوقين ماڻهن جا ٽولا مڳيء ۾ سيٽيا گهمندا رهن ٿا. سائبر ڪرائم وارن کي لڳي ٿو ڄڻ روزو رکيل هجي، جو هو نوٽيس ئي نٿا وٺن. خير، ڪو مسئلو ناهي، شايد افطار کان پوءِ نوٽيس وٺندا يا وري عيدالفطر کان پوءِ. عيدالفطر ڪهڙي پري آهي؟ هي سٽون مان 18 رمضان المبارڪ جي صبح ۽ منجهند جي وچ واري وقت ۾ لکي رهيو آهيان. باقي ته صرف 11 يا 12 روزا ئي رهجي ويا آهن، ۽ اهي بدزبان ڪهڙا مري کپي يا ختم ٿي ويندا! اهي ته هر موسم ۾ کُنڀين وانگر اُڀري ايندا آهن ۽ “تلف” به نٿا ٿين. خبر ناهي اسان جي ابن ڏاڏن ۽ وڏڙن انسان سازيءَ لاءِ ادارا ٺاهڻ بابت ڇو نه سوچيو؟ هڪ ڏينهن اهڙي ئي سوال تي فقير راحمون چوڻ لڳو: “يار شاه! اسان جا ابا ڏاڏا ۽ وڏڙا ڪهڙا آسمان تان لٿا هئا؟ انهن جو خمير به هتان جي مٽيءَ مان ئي ڳوھيل هو. جھڙا اهي هئا، تھڙا ئي اسين آهيون.” منهنجي چهري تي پکڙجندڙ حيرت کي ڏسي هن وڌيڪ چيو: “شاه! تاريخ کي عقيدن جي دسترخوان مان رزق فراهم ڪرڻ جو اهو ئي نتيجو نڪري ٿو، جيڪو هن وقت اسان جي چوڌاريء نظر اچي رهيو آهي، بلڪه نچي رهيو آهي.”
هي فقير راحمون به نه، بنھ عجيب و غريب ماڻهو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو آهي ته شايد هي ڪنهن بين الاقوامي ڳجھي ايجنسيءَ جو نمائندو هجي. جڏهن مون کي ائين لڳندو آهي ته انهن لمحن ۾ لاهور جا اهي مرحوم معلم ۽ دانشور ياد اچي ويندا آهن، جيڪي ڪنهن ماڻهوءَ طرفان ٻيهر سلام ڪرڻ تي شڪ ظاهر ڪندي چوندا هئا: “هي ماڻهو مون کي سي آءِ ڊي جو جاسوس لڳي ٿو.” ھونئن ته اسان وٽ ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪنهن به وقت مقامي، علائقائي يا بين الاقوامي خفيه ايجنسين جو ايجنٽ يا ڪنهن ٻاهرين ملڪ جو ڪارندو بنا ڪنهن هٻڪ جي قرار ڏئي سگهجي ٿو.
هڪ زمانو اهڙو به هو، جڏهن جماعت اسلاميءَ وارا پنهنجي هر مخالف کي ڪافر، زنديق، ڪميونسٽ ۽ سوويت يونين جو ڀاڙيتو پگھادار قرار ڏئي ڇڏيندا هئا. پوءِ الله جو ڪرم ٿيو جو 1970ع جي عام چونڊن ۾ جماعت اسلامي ۽ آمريڪا جي وچ ۾ لاڳاپن جا پول پڌرا ٿي ويا. پر اهي جماعتي به ڪهڙا جماعتي، جيڪي اھا ڳالهه مڃين! انهن آمريڪي فنڊنگ ۽ خطن کي لادين سوويت يونين جي ديسي (پاڪستاني) ايجنٽن جي سازش قرار ڏئي پنهنجو پاند بچائي ورتو.
معاف ڪجو، شايد اوهان به سوچيندا هجو ته مان ڪهڙيون ڳالهيون کڻي ويٺو آهيان. “اور بھی روگ ہیں زمانے میں جماعت اسلامی کے سوا”، پر “ايجنٽو ايجنٽي” واريون ڳالهيون ان ڪري ياد اچي ويون، جو ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ڪنهن اسان کي آمريڪي ايجنٽ ۽ ڊالر خور قرار ڏنو آهي. ستم ته اهو آهي جو اسان کي آمريڪي ايجنٽ قرار ڏيندڙ شخص جي ساڳئي عقيدي وارن ماڻهن ڪجهه سال اڳ اسان کي، اسان جي دوست ملڪ قمر عباس اعوان سميت، اسرائيلي ايجنٽ قرار ڏنو هو. ان کان اڳ هڪ طبقو اسان کي ايراني ايجنٽ به چوندو ۽ لکندو رهيو هو. رڳو ايترو ئي نه، جڏهن به اسين ڪا ڳالهه ڪندا يا لکندا هئاسين ته هو چوندا هئا: “ھلو، هتان نڪرو، وڃو ايران!” هاڻي مان سوچيان ٿو ته پورن پنجاهه سالن تائين ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي ايجنٽي ڪندي جيڪو “مال” ملڻ گهرجي ها، اهو آخر ڪيڏانهن ويو؟
خير، ڇڏيون ٿا انھن ڳالھين کي، هاڻي ٻي ڳالهه ٿا ڪريون. ايران جي اسرائيل ۽ آمريڪا سان جنگ جاري آهي. صدر ٽرمپ چوي ٿو ته ايران هٿيار ڦٽا ڪري، ان کان گهٽ تي ڪا ڳالهه نه ٿيندي. اسرائيل به الڳ ڊاڙون ھڻي رهيو آهي، ۽ ايراني چون ٿا ته آھي ڪنھن ۾ همت، جو اچي آبنائي هرمز کولي!
جنگ کي اڄ نائون ڏينهن آهي، جنگ گذريل ڇنڇر جي رات شروع ٿي هئي. دفاعي معاملن جا بين الاقوامي ماهر چون ٿا ته ايرانين جي حالت اهڙي آهي ڄڻ چون پيا: “اسان ته ٻڏنداسين، پر توکي به برباد ڪري ڇڏينداسين.” يعني اسان جي سادي ٻولي ۾: “ککھ نی رہنا ساڈا تے تیلہ نی رین دینا امریکہ تے بُولی دا”. ترجمو اوهان پاڻ ڪري وٺو، ڇو ته چون ٿا ترجمو “اصل” جي حسن کي گهٽائي ڇڏيندو آهي.
گذريل ڏينهن ايراني صدر چيو ته ايران پاڙيسري ملڪن تي نه، پر انهن جي سرزمين تي قائم آمريڪي اڏن تي حملا ڪيا آهن. ٽرمپ سميت گهڻن ماڻهن هن بيان کي ايران جو معافي نامو قرار ڏنو. ٻئي پاسي اسرائيل جي اندروني صورتحال بابت ٻن ڀارتي صحافين جو اکين ڏٺو احوال، ۽ انهن مان هڪ جي لائيو ڳالهه ٻولهه جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن. انهن وڊيوز ۽ ڪجهه نشرياتي ادارن جي رپورٽن مان معلوم ٿئي ٿو ته هن تازي جنگ ۾ اسرائيل کي به تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، جنهن کي سينسرشپ وسيلي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
نقصان ته ايران جو به اندازي کان وڌيڪ ٿيو آهي، پر ايرانين هڪ قوم جي حيثيت سان جيڪو باوقار رويو اختيار ڪيو آهي، ان دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڪالم ۾ عرض ڪيو هئم ته ايران خلاف اڳرائي ڪندڙ آمريڪا ۽ اسرائيل، پنهنجن ساٿين سميت، اهو سمجهي نه سگهيا ته هو ماڻهن سان وڙهي رهيا آهن يا هڪ نظام سان؟
هاڻي آمريڪا جي 18 انٽيليجنس ايجنسين جي هڪ رپورٽ منظر عام تي آئي آهي. ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته:
“وڏي پيماني تي جنگ به ايراني حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۾ ناڪام رهندي.” ٻئي پاسي آمريڪا جي عوامي راءِ مان 39 سيڪڙو ماڻهو جنگ جي حمايت ڪن ٿا، جڏهن ته 61 سيڪڙو آمريڪي هن جنگ کي پنهنجي وسيلن تي بار قرار ڏئي رهيا آهن.
هاڻوڪي ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگ دنيا کي هڪ نئين معاشي بحران ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. مالدار ملڪ شايد هي ڌڪ برداشت ڪري وٺن، پر ٻي ۽ ٽين دنيا جي ملڪن جو ڏيوالو نڪري ويندو. ڪمزور معيشتون ڪيتري عرصي ۾ پاڻ سنڀالي سگهنديون، ان بابت ڪجهه چوڻ ڏکيو آهي.
اسان وٽ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ رات وچ ۾ في ليٽر 55 رپين جي واڌ ٿيڻ سان سرمائيدارن جي ته ڄڻ چاندي ٿي وئي آهي. پيٽروليم شين مان روزانو 6 ارب رپيا مختلف قسمن جي ٽيڪسن جي صورت ۾ وصول ڪندڙ حڪومت جون پنهنجون شھہ خرچيون جئين جو تيئن برقرار آهن. حقيقت ۾ ته اهڙين حالتن ۾ وزيرن، مشيرن ۽ ڪامورا شاهي کي هر مهيني مفت فراهم ٿيندڙ تيل بند ڪيو وڃي ها، پر هميشه وانگر قربانيءَ لاءِ عوام جي کل لاهڻ کي ئي ضروري سمجهيو ويو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته “پيٽرول بم” هلائڻ کان پوءِ مسلم ليگ (ن) جي مرد ۽ عورت اڳواڻن جا اهي پراڻا بيان، جيڪي انھن ماضيءَ ۾ پيٽروليم شين جون قيمتون وڌائڻ وقت ڏنا هئا، هاڻي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رڪارڊ قائم ڪري رهيا آهن.
رات جي اونداهيءَ ۾ عوام تي “خودڪش حملي” جهڙا اهي بيان ڀلي پراڻا هجن، پر تازن زخمن وارا ماڻهو انهن کي کڻي حڪمرانن کي آئينو ڏيکاري رهيا آهن. يقيناً ان مان ڪو خاص فائدو نه ٿيندو، ڇو ته اسان جي حڪمران اشرافيه، اها ڪير به هجي، هميشه “فول پروف” هوندي آهي.
وائرل ٿيندڙ بيانن ۾ ٻه ٽي بيان اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جا به شامل آهن، جن ۾ هو ڪنهن جنگ جي صورت ۾ پيٽرول مهانگي ٿيڻ بابت ماڻهن کي اڳواٽ ذهني طور تي تيار ڪندي نظر اچي ٿو. البته اها ٻي ڳالهه آهي ته ان جي عقيدتمندن وٽ انهن بيانن جا جواز موجود آهن.
بهرحال، اھا هڪ تلخ حقيقت آهي ته موجوده حڪومت پيٽرول بم هلائي تمام وڏو ظلم ڪيو آهي. مهانگائيءَ جي بار هيٺ سھڪندڙ عوام جا دوڏا ٻاهر نڪري آيا آهن. سندن اهو سوال اهم آهي ته پيٽروليم شين جي قيمت وڌائڻ بدران پيٽروليم ليوي ۾ پنجاهه سيڪڙو گهٽتائي ڇو نه ڪئي وئي؟ پيٽروليم ليوي تحريڪ انصاف جي دؤر ۾ 30 رپيا في ليٽر تائين پهتي هئي، جڏهن ته اڄ اها 100 رپيا في ليٽر آهي. اها انهن تجربيڪارن جي معاشي پاليسي آهي، جيڪي اسان کي 2018ع کان اپريل 2022ع تائين اهو سمجهائيندا رهيا ته تحريڪ انصاف جي معاشي بقراطن ملڪ جو بيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي.
هاڻي هلندي هلندي ڪجهه ذڪرِ خير تحريڪ انصاف جو به ٿي وڃي. ان جي اڳواڻن عمر ايوب، شبلي فراز، زرتاج گل، مراد سعيد، لنڊن ۾ رهندڙ زلفي بخاري ۽ آمريڪا ۾ يوٽيوبري ڪندڙ شهباز گل سميت 47 ڄڻن کي گذريل ڏينهن جي ايڇ ڪيو حملي واري ڪيس ۾ ڏهه ڏهه سال ٽيپ ۽ مجموعي طور تي 2 ڪروڙ 35 لک رپيا ڏنڊ جون سزائون ٻڌايون ويون آهن.
گهڻا سزا کائيندڙ اڳواڻ ۽ ڪارڪن گهڻي عرصي کان سياسي اشتهارين جي “جنت” خيبرپختونخوا ۾ رهائش پذير آهن. عمر ايوب ته هري پور مان پنهنجي ختم ٿيل سيٽ تي پنهنجي گهرواريءَ کي به چونڊن ۾ بيهاريو هو. پي ٽي آءِ انهن سزائن کي سياسي هٿڪنڊو قرار ڏئي ٿي ۽ ان کي مخالفن جي ملڪ دشمنيءَ جو نتيجو ٻڌائي ٿي. پر حقيقت اها آهي ته تحريڪ انصاف اهوئي لڻي رهي آهي، جيڪو ان پاڻ پوکيو هو.
انهيء دوران عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان پنهنجي ڀاءُ جي جماعت جي قيادت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته اهي ماڻهو تعزيت لاءِ ايراني سفارتخاني ته پهچي ويا، پر عمران خان لاءِ اڊيالا جيل ٻاهران نه ٿا اچي سگهن. تحريڪ انصاف جي اندر عليمه خان جي هن بيان ۽ ماضيءَ جي ڪجهه بيانن تي گھڻي ناراضگي ڏٺي وڃي ٿي. اھي اڳواڻ چون ٿا ته اسين تحريڪ انصاف جي سياسي پاليسين ۽ فيصلن جا پابند آهيون، خان صاحب جي ڀينرن جا ذاتي ملازم هرگز ناهيون.