جنگبندي اڄ ختم: پاڪستان جي ڏينهن رات سفارتڪاري، آمريڪي وفد روانو، بحري جهاز تي قبضي بعد ايران جو ڳالهين کان انڪار

جنگبندي اڄ ختم: پاڪستان جي ڏينهن رات سفارتڪاري، آمريڪي وفد روانو، بحري جهاز تي قبضي بعد ايران جو ڳالهين کان انڪار

واشنگٽن/اسلام آباد (م ڊ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي جو اڄ آخري ڏينهن آهي، آمريڪا ڳالهين لاءِ پراميد آهي ۽ وفدا اسلام آباد اماڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان جون سفارتي سرگرميون عروج تي پهچي ويون آهن ۽ 24 ئي ڪلاڪ سفارتڪاري جاري آهي. صدر ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن ايران جا نوان اڳواڻ عقلمند آهن ته ايران جو مستقبل تمام روشن ٿي سگهي ٿو.  مليل اطلاعن موجب پاڪستان جي ڪوششن سان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ شروع ٿيل جنگبندي جو اڄ 21 اپريل تي آخري ڏينهن آهي . جنگبندي کي وڌائڻ ۽ آمريڪا ايران ڳالهيون جلد شروع ڪرائڻ لاءِ پاڪستان جون سفارتي سرگرميون تيز ٿي ويون آهن. پاڪستان آچر کان آمريڪا ۽ ايران سان رابطا وڌائي ڇڏيا آهن. اهي ڪوششون ڏينهن رات ٿي رهيون آهن  سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي هڪ پيغام ۾ آمريڪي صدر چيو ته اسرائيل کيس ايران سان جنگ ڪرڻ لاءِ نه آماده ڪيو ۽ 7 آڪٽوبر 2023 جي واقعي سندس ڊگهي عرصي واري موقف کي مضبوط ڪيو ته ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار نه رکي. صدر ٽرمپ اهو به چيو ته جيڪڏهن ايران جي نئين قيادت عقلمند آهي ته ايران جو مستقبل خوشحال ۽ شاندار ٿي سگهي ٿو. صدر ٽرمپ آمريڪي اخبار دي نيو يارڪ پوسٽ کي ٻڌايو ته نائب صدر جي ڊي وينس، اسٽيو وِٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر تي مشتمل هڪ آمريڪي وفد ايران سان امن ڳالهين لاءِ پاڪستان روانو ٿي چڪو آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ اسلام آباد پهچڻ جي اميد آهي. اهي اڄ رات (اسلام آباد وقت مطابق) اتي هوندا. هن ڳالهين بابت شڪ کي رد ڪندي چيو ته اسان جون ڳالهيون ٿيڻ واريون آهن. تنهن ڪري مان هن وقت فرض ڪندس ته ڪو به راند نه کيڏي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪا پيش رفت ٿئي ٿي ته ايران جي سينيئر اڳواڻن سان ملڻ لاءِ تيار آهيان. مون کي انهن سان ملڻ ۾ ڪو مسئلو ناهي. جيڪڏهن اهي (ايراني قيادت) ملڻ چاهين ٿا، ته اسان وٽ ڪجهه تمام قابل ماڻهو آهن پر مون کي انهن سان ملڻ ۾ ڪو مسئلو ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ايران جا ٿورائتا آهيون جن تيل خريدارن جو رخ اسان ڏانهن موڙيو. اسان اوباما دور کان بهترين ڊيل ايران کان حاصل ڪري رهيا آهيون
 

واشنگٽن/تهران (م ڊ) آمريڪا هرمز کاڙي ۾ ڇڪتاڻ کي وڌائيندي ايران جي بحري جهاز تي قبضو ڪري ورتو، ايران اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آمريڪا کي سخت جواب ڏنو ويندو. ناڪابندي ختم ٿي ته آمريڪا سان ڳالهيون ڪنداسين جڏهن ته آمريڪي جهازن تي ڊرون حملا ڪرڻ جي دعويٰ به ڪئي وئي آهي. مليل اطلاعن موجب آمريڪا هرمز جي ناڪابندي ڪندي ايران جي بحري جهاز تي قبضو ڪري ورتو جنهن سان علائقي ۾ هڪ ڀيرو وري ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي. آمريڪي صدر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آمريڪي فوجن هڪ ايراني جهنڊي واري ڪارگو جهاز کي روڪيو ۽ قبضي ۾ ورتو آهي جيڪو هرمز کاڙي ۾ ناڪي بندي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. آمريڪي عملدارن جهاز کي وارننگ ڏني پوءِ ان کي انجن روم کي نقصان پهچائي روڪيو ۽ بعد ۾ ان جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو. ايراني ڪارگو جهاز آمريڪي بحريه جي مڪمل تحويل ۾ آهي. ٽسڪا نالي جهاز کي عمان نار ۾ روڪيو ويو ۽ ان کي هڪ وارننگ جاري ڪئي وئي 6 ڪلاڪن بعد ڪارروائي ڪئي وئي. جهاز آمريڪي پابندين هيٺ آهي. ٻئي طرف آمريڪي سينٽرل ڪمانڊايراني جهاز تي ڪنٽرول جي وڊيو جاري ڪئي آهي جنهن ۾ آمريڪي فوجين کي هيلي ڪاپٽرن جي مدد سان ايراني ڪارگو جهاز تي لهندي ڏيکاريو ويو آهي. هوڏانهن ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته آمريڪا سان ٻئي دور جي ڳالهين لاءِ ايراني وفد پاڪستان نه ويندو، ايران جو ڳالهين ۾ شرڪت ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي. آمريڪا جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اسان پاڪستاني ٽياڪڙ کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ڳالهين لاءِ اسلام آباد نه پيا اچون، جيڪڏهن آمريڪا ٻيهر اڳرائي ڪئي ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته آمريڪا ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو سفارتي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ سنجيده ناهي، آمريڪا جارحاڻيون ڪارروائيون ڪري جنگبندي شرطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. آمريڪي تجويزون غير سنجيده ۽ ان جا مطالبا غير حقيقي آهن، ايران پنهنجا مطالبا واضح طور بيان ڪيا آهن ۽ جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڦيرڦار نه ٿيندي. اسماعيل بقائي جو چوڻ هو ته جڏهن ايران جي قومي مفادن جي تحفظ جي ڳالهه اچي ٿي ته اسان ڊيڊ لائينز يا الٽيميٽم تي يقين نٿا رکون، جيڪڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل نئين جارحيت شروع ڪرڻ چاهين ٿا ته اسان جون هٿياربند فوجون ان جو جواب ڏينديون. هن چيو ته آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کان اڳ هرمز کاڙي محفوظ هئي، پاڪستاني ٽياڪڙ جي وضاحت باوجود آمريڪا چيو ته لبنان ۾ جنگبندي معاهدي جو حصو نه هئي، آمريڪا سامونڊي ناڪابندي ڪري ايراني بحري جهاز تي حملو ڪيو، آمريڪي قدم جنگبندي ۽ بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته آمريڪا ٻه ڀيرا ڳالهين جي ڀڃڪڙي ڪئي، آمريڪا ايران تي حملو ڪيو، ايرانين کي قتل ڪيو، انفرااسٽرڪچر کي تباهه ڪيو، موجوده جنگي صورتحال سبب هرمز کاڙي ۾ سامونڊي چُر پُر هڪ طرفي طور تي معمول تي آڻڻ ممڪن ناهي. جڏهن ته ايران جي جوائنٽ ملٽري ڪمانڊ آمريڪا طرفان ايران جي واپاري بحري جهاز تي فائرنگ کي جنگبندي جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي چيو آهي ته آمريڪي سامونڊي ڌاڙي جو جلد جواب ڏنو ويندو. آمريڪي حملي کانپوءِ ايراني فورسز ڪجهه آمريڪي فوج جي بحري جهازن تي ڊرون سان حملو ڪيو. انهن ڊرون حملن مان ظاهري طور تي ڪو به نقصان نه ٿيو آهي.