| جنگبندي باوجود اسرائيل جا فلسطين ۾ حملا، 12 شهري شهيد، 10 گرفتار |
غزه/نابلوس (م ڊ) اسرائيل جا فلسطين تي حملا جاري آھن جن ۾ 12 فلسطينين کي شھيد ڪيو ويو ۽ 10 کي گرفتار ڪيو ويو آھي. اسرائيلي فوج غزه ۾ ڪيل ڪيترن ئي حملن ۾ 12 فلسطيني شھيد ڪري ڇڏيا جن ۾ هڪ عورت ۽ سندس ٻار ۽ 6 پوليس آفيسر به شامل آهن. ڇهن مهينن جي جنگ بندي جي باوجود، اسرائيلي فوج روزانو سيزفائر جون خلاف ورزيون ڪري رهي آهي جنهن ۾ لڳ ڀڳ 1,000 ماڻهو شھيد ٿي ويا آهن. ٻئي طرف اسرائيلي فوج اولھندي ڪناري ۾ ڇاپا هنيا، جنهن ۾ شهر نابلوس ۾ ٽن فلسطينين کي گرفتار ڪيو ويو. فوجين سالم ڳوٺ تي ڇاپي دوران هڪ نوجوان فلسطيني کي گرفتار ڪيو. گرفتاري دوران گوليون هلايون ويون، ۽ اسرائيلي فورسز پاران نوجوان جي ڪار کي نقصان پهچايو ويو. رام الله جي اتر اوڀر ۾ واقع المغير ڳوٺ تي ڇاپي دوران پنج نوجوان فلسطيني مردن کي به گرفتار ڪيو ويو. بيت لحم جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع طوقو شهر تي به حملو ڪيو ۽ المنشيا ۽ مراح رباح علائقن جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. نابلوس جي ڏکڻ ۾ واقع قصرا شهر ۾ فلسطيني گهرن تي حملي کانپوءِ اسرائيلي آبادڪارن ٻن فلسطيني گاڏين کي باهه ڏئي ڇڏي.