جنگبندي باوجود لبنان ۾ اسرائيلي حملا، 2 ڄڻا شهيد

جنگبندي باوجود لبنان ۾ اسرائيلي حملا، 2 ڄڻا شهيد

بيروت (م ڊ) لبنان ۾ اسرائيلي حملا جاري آهن 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا، امن فوج جو زخمي اهلڪار به مارجي ويو، لبنان ۾ 62 هزار گهر تباهه ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ڏکڻ لبنان جي ڳوٺ الطاري ۾ هڪ ڪار تي اسرائيلي حملي ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا. ٻئي طرف واشنگٽن خميس تي لبنان ۽ اسرائيل جي سفارتي ڳالهين جي ميزباني ڪندو. جڏهن ته فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون چيو آهي ته حزب الله جي ويڙهاڪن پاران زخمي ٿيل ٻيو فرانسيسي امن فوجدار فوت ٿي ويو آهي. جنهن جي سڃاڻپ ڪارپورل اينسيٽ گيرارڊين طور ظاهر ڪئي وئي آهي. هوڏانهن لبناني صدر جوزف عون جو چوڻ آهي ته اسرائيل ۽ لبنان جي وچ ۾ جنگ بندي کي وڌائڻ لاءِ ڳالهيون جاري آهن. ڳالهيون اسرائيلي جارحيت جي مڪمل خاتمي، لبناني علائقن مان اسرائيلي واپسي، قيدين جي واپسي، بين الاقوامي سرحدن تي لبناني فوجن جي تعیناتي، ۽ جنگ کان پوءِ جي تعمير نو تي ٻڌل آهن. جڏهن ته هڪ سرڪاري اندازي موجب لبنان تي اسرائيلي حملن ملڪ ۾ 62,000 کان وڌيڪ هائوسنگ يونٽن کي نقصان پهچايو يا تباهه ڪيو آهي. 2,400 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ هڪ ملين کان وڌيڪ بي گهر ٿيا.