جنگبندي بعد ايران ۽ سعودي ۾ پهريون سرڪاري رابطو

جنگبندي بعد ايران ۽ سعودي ۾ پهريون سرڪاري رابطو

تھران/رياض(م ڊ) جنگبندي بعد پاڙيسري ملڪن ۽ عرب رياستن سان لاڳاپن کي بھتر ڪرڻ لاءِ ايران سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آھن. ايران جي پرڏيھي وزير عباس عراقچي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان فون تي رابطو ڪيو. اھو جنگ دوران پاڙيسري رياستن تي ايران جا حملا شروع ٿيڻ کان پوءِ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ پهريون سرڪاري رابطو ھو. سعودي پرڏيھي وزارت ھڪ بيان ۾ چيو تھ عباس عراقچي فون ڪيو ۽ ٻنھي پرڏيھي وزيرن تازي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ خطي ۾ سيڪيورٽي ۽ استحڪام بحال ڪرڻ لاءِ تڪرار گهٽائڻ جي طريقن تي ڳالھايو.