جنگبندي بعد به ايران جا ڪويت تي حملا

جنگبندي بعد به ايران جا ڪويت تي حملا

ڪويت سٽي (م ڊ) ڪويت دعويٰ ڪئي آھي تھ جنگبندي باوجود ايران تيل ٺڪاڻن تي ڊرون حملا ڪيا. دفاع واري وزارت جي ترجمان ڪرنل سعود عبدالعزيز العتيبي مطابق ڪويت جي هوائي دفاع 28 ايراني ڊرون کي روڪيو.  دشمن ايراني ڊرون جي وڏي لھر آئي جن مان وڏي تعداد ۾ ڊرون ڪيرايا ويا. انهن مان ڪجهه  حملن ۾ ملڪ جي ڏکڻ ۾ اهم تيل جي سهولتن ۽ بجلي گهرن کي نشانو بڻايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ تيل جي بنيادي ڍانچي جي سهولتن، بجلي گهرن ۽ پاڻي صاف ڪرڻ جي پلانٽن کي نقصان پهتو.