| جنگبندي جي حق ۾ ناهيون، ضمانت ڏني وڃي ته حملا ٻيهر نه ٿيندا: ايران |
تهران (م ڊ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته هي اسان جي جنگ ناهي، اسان تي مڙهي وئي آهي، اسان دفاعي قدم کڻي رهيا آهيون، جيستائين ضروري هوندي پنهنجي حفاظت جاري رکنداسين. جاپاني ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته نٿو لڳي آمريڪا پنهنجي جارحيت ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جنگ جي خاتمي لاءِ رڳو جنگبندي ڪافي نه هوندي. سندس چوڻ هو ته ڳالهين دوران اسان تي حملو ڪيو ويو، آمريڪا ۽ اسرائيل جا جارحاڻا قدم غيرقانوني ۽ بنا جواز هئا، اسان کي جنگبندي قبول ناهي، ڇو ته اسان گذريل سال وارو منظرنامو ٻيهر ورجائڻ جي حق ۾ ناهيون، جنگ مڪمل ۽ مستقل طور ختم ٿيڻ گهرجي، ضمانت ڏني وڃي ته اهڙي صورتحال ٻيهر پيدا نه ٿيندي.