| جنگبندي لاءِ حڪومت ڪامياب سفارتڪاري ڪئي، اميد خطي ۾ ڊگهي مدي لاءِ امن قائم ٿيندو: پي ٽي آءِ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) به ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي لاءِ ڪامياب سفارتڪاري تي حڪومتي ڪردار جي ساراهه ڪئي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته اسان ايران-آمريڪا جنگ بندي جي آجيان ڪريون ٿا، اميد آهي ته هيءَ جنگ بندي مستقل رهندي ۽ وچ اوڀر ۾ ڊگهي مدي لاءِ امن قائم ٿيندو. هن چيو ته جنگ ڪڏهن به ڪنهن مسئلي جو حل ناهي پر ڳالهين ذريعي ئي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، تاريخ ثابت ڪيو آهي ته جنگون رڳو تباهي آڻين ٿيون، جن کان پاسو ڪرڻ ئي دانائي آهي. هن چيو ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه انتهائي ضروري آهي، پي ٽي آءِ جنگ بندي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ سمورين ڌرين ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي ساراهه ڪري ٿي ۽ خطي ۾ ڊگهي مدي لاءِ امن تي زور ڏئي ٿي. پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو ته پاڪستان هڪ رياست طور ڪنهن هڪ فرد تي ڀاڙيندڙ ناهي، پاڪستان جو هڪ آئيني ڪردار آهي، خطي ۾ امن لاءِ اسان پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا.