ان شام هڪ ڀيرو ٻيهر ٽن دوستن کان شرط کٽيم، جيڪو ايران- آمريڪا جنگ ٻيهر شروع ٿيڻ بابت هو. جنگ سنجيده شيءِ آهي، ان تي شرط نه لڳڻ گهرجن. تنهن هوندي به منهنجو شرط امن بابت ھو. مان پهرين ڏينهن کان ئي واضح هوس ته 22 اپريل تي جنگ شروع نه ٿيندي. اهڙي
اڳڪٿي ڪرڻ لاءِ بين الاقوامي لاڳاپن ۾ مهارت يا آئن اسٽائن ٿيڻ ضروري ناهي، بس طاقت جي نفسيات سمجهڻ گهرجي.
7 اپريل تي جڏهن ٽرمپ ٽروٿ سوشل تي پاڪستان جي ٽياڪڙي قبول ڪندي ٻن هفتن جي عارضي جنگ بنديءَ جو اعلان ڪيو، آئون ان ڏينهن کان ئي واضح هوس ته اها جنگ بندي قائم رهندي. ڌڪا لڳندا، پوسچرنگ ٿيندي، ڌريون پنهنجي گهريلو سامعين لاءِ وات سان ميزائل اڇلائينديون، پر جنگ جي باهه ٻيهر نه ڀڙڪندي. ڇو ته هاڻي ڪا به ڌر اها اجازت نٿي ڏيڻ چاهي، ۽ جيڪڏهن سڀئي رانديگر پنهنجي پنهنجي سببن جي ڪري جنگ بندي ٽٽندي ڏسڻ نٿا چاهين، ته اها ٽٽندي ئي ناهي.
ٽرمپ هاڻي ٽروٿ سوشل تي اهو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو اربين ماڻهو بيچيني سان انتظار ڪري رهيا هئا. هن لکيو: “ايران جي حڪومت جي گهريلو انتشار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي درخواست تي، مان جنگ بنديءَ کي ان وقت تائين وڌايان ٿو، جيستائين انھن جي تجويز پيش نه ڪئي وڃي ۽ ڳالهين مان ڪو نه ڪو نتيجو نڪري اچي.” هن جملي تي غور ڪريو. ڪا نئين تاريخ ناهي. ڪا ٻن هفتن جي حد ناهي. ڪا وڏي ڊيڊ لائين ناهي. بلوم برگ، سي اين اين، ۽ سي بي ايس نيوز ان کي اهڙي طرح رپورٽ ڪيو آهي ته ٽرمپ تاريخ هٽائي ڇڏي آهي ۽ نتيجي تائين انتظار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. يعني جنگ بندي عملي طور تي ان ڏينهن تائين قائم آهي، جيستائين ڪو معاهدو نه ٿي وڃي – هڪ يا ٻئي نتيجي تي. ۽ هڪ رستو تمام ڏکيو آهي، ٻيو اڻٽر.
“تسنيم” موجب, ايران ٽرمپ جي جنگ بنديءَ واري اعلان کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندس امن جي نيت تي گهرا شڪ ظاهر ڪيا آهن. ساڳي وقت نيوي بلاڪيڊ ختم ڪرڻ لاءِ جنگي ڪارروائيءَ جي ڌمڪي به ڏني آهي. بهرحال اهي بيان آهن، ۽ ايران کي هن وقت اهڙا بيان ڏيڻ گهرجن.
هاڻي ڳالهه کي ان جي بنياد کان ڏسو. 28 فيبروري 2026 تي جڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي گڏيل حملو ڪيو، ۽ ڪجهه ڪلاڪن اندر علي خامنہ اي، ڪيترائي سپاهي ڪمانڊر، ۽ درجنين جوهري سائنسدان شهيد ٿي ويا، ٽرمپ ۽ نيتن ياهُو جي جنگي مشين سمجهيو ته اها هڪ مختصر جنگ هوندي— ٽي هفتا، وڌ ۾ وڌ ڇهه. ۽ ايران ٽٽي پوندو. پر ٿيو ڇا؟ ايران ٽٽو ڪونه، ايراني ماڻهن جي همت ۽ بهادري ڪمال ڏيکاريو. ايران جديد جنگي جهازن جي شديد بمباري برداشت ڪئي ۽ پوءِ 40 سالن جو تيار ڪيل منصوبو لاڳو ڪيو. اسرائيل ۽ نار وارن ملڪن کي ميزائلن ۽ ڊرونن جي برسات هيٺ آڻي ڇڏيو.
4 مارچ تي هرمز واري سامونڊي لنگهه کي بند ڪيو ويو. برينٽ ڪرُوڊ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ 120 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو، آمريڪا جي گيس پمپ تي في گيلن قيمت 2.98 ڊالر مان ٽپو ڏئي چار ڊالر يارهن سينٽ تائين پهچي وئي، يورپ ۾ ڊچ ٽي ٽي ايف گيس جو اگهه ٻيڻو ٿي ويو. آءِ ايم ايف عالمي ترقيءَ جو اندازو هڪدم گهٽائي ڇڏيو، ايران جي پنهنجي معيشت لاءِ 6.1 سيڪڙو سُڪڙجڻ/سسڻ جي اڳڪٿي اچي وئي، تل ابيب ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ گهر ايراني ميزائلن سبب رهڻ لائق نه رهيا، ۽ بحرين، قطر، ڪويت جهڙين خليجي رياستن ۾ خوراڪ ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ جي فراهمي تي بحران ڇانئجي ويو. امارات کي صدر ٽرمپ کان ڊالرن جي فراهمي بابت درخواست ڪرڻي پئي.
ٽرمپ، جيڪو “پريزيڊنٽ آف پيس” جو نعرو کڻي آيو هو، هاڻي اهڙي جنگ ۾ ڦاسي ويو هو، جنهن جو ڪو به عزت ڀريو انت هن وٽ نه هو. سندس پنهنجو ماگا اتحاد (Make America Great Again) ٽٽڻ لڳو. ٽڪر ڪارلسن ۽ اسٽيو بينن کلي عام هن جنگ کي “نيتن ياھو جي جنگ” سڏي رهيا هئا. اٽلي جي جورجيا ميلونيء سسلي جو فوجي اڏو آمريڪا کي ايران تي حملي لاءِ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. برطانيه، جرمني، اسپين، سوئٽزرلينڊ ۽ ڪيترن ئي يورپي ملڪن صاف چئي ڇڏيو “ايبسوليوٽلي ناٽ”. جان ڪيري هڪ ٽيليويزن ڳالهه ٻولهه ۾ سڌن لفظن ۾ چيو: “نيتن ياھو اهو منصوبو بش کي به ڏنو هو، اوباما کي به، بائيڊن کي به. سڀني رد ڪري ڇڏيو. رڳو ٽرمپ قبول ڪيو.”
هاڻي ٽرمپ کي اهڙي سنھيء گهٽيءَ جي ضرورت هئي، جنهن مان هو عزت سان ٻاهر نڪري سگهي— چهرو بچائڻ واري راهه. ۽ هتي پاڪستان جو مضبوط ايٽمي ڪلهو استعمال ٿيو. الله ڪري ته پاڪستان هاڻي انهن خدمتن کي پنهنجي عوام جي فائدي ۾ بدلائي سگهي.
مون کي ڇو يقين هو ته پاڪستان ئي اهو ڪردار ادا ڪندو؟ ڇو ته پاڪستان وٽ اهڙو اثاثو آهي جيڪو نار جي ڪنهن به عرب رياست يا عمان يا قطر جي ٽياڪڙيء جي تاريخ وٽ به ناهي. هڪ وردي پوش فيلڊ مارشل – جنهن جو سڌو تعلق واشنگٽن ۽ تهران ٻنهي سان جڙيل آهي. عاصم منير، جيڪو هڪ سال اڳ تائين طاقت جي ايوانن ۾ هڪ اڻڄاتل چهرو هو، اڄ ٽرمپ جو “پسنديده فيلڊ مارشل” بڻجي چڪو آهي، ۽ تهران طرفان به اهو واحد غير ملڪي فوجي سربراهه آهي، جنهن جو جنگ کان پوءِ ايراني فوجي قيادت وردي ۾ استقبال ڪيو. شهباز شريف جي وزارتِ عظميٰ ان ۾ مددگار آهي، پر اصل انجڻ اها ئي آهي. پنڊي هڪ ڀيرو ٻيهر ڊرائيونگ سيٽ تي ويٺل آهي.
23 مارچ تي جڏهن عاصم منير سڌي طرح ٽرمپ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، ۽ ٽرمپ ايران جي توانائيءَ جي ڍانچي تي پنجن ڏينهن جي مشروط بندش جو اعلان ڪيو، ته اها رڳو هڪ فون ڪال نه هئي. اها ٽرمپ لاءِ ساهه کڻڻ جي هڪ دري هئي. پاڪستان اها پيشڪش ڪئي، جيڪا آمريڪا لاءِ زباني طور گهرڻ به مشڪل هئي—هڪ اهڙي جاءِ، جتان هو ايران سان ڳالهائي سگهي، بغير ان مجبوريءَ کي مڃڻ جي ته کيس ڳالهه ٻولهه ڪرڻي پئجي رهي آهي. اسلام آباد اڄ اهو ڪمرو آهي، جتي 50 سالن کان پوءِ آمريڪا جو نائب صدر ۽ ايران جو پرڏيهي وزير هڪ ئي وقت داخل ٿي سگهن ٿا. اها پاڪستان جي رڳو خوش نصيبي ناهي، پر ان جي ٺاهيل سڃاڻپ آهي، جنهن جي قيمت 70 سالن ۾ ادا ڪئي وئي آهي.
هاڻي اچو ته ان جي سڀ کان پيچيده پهلوءَ تي نظر وجهون. ٽرمپ جو اصل “ٽرمپ ڪارڊ” جنگ بندي ناهي، پر اهو محاصرو آهي، جيڪو هن 13 اپريل کان ايران جي بندرگاهن تي قائم رکيو آهي، جڏهن ته جنگ بندي به برقرار آهي. سي اين اين بزنس جي تجزيي موجب، آمريڪي بحريه هينئر تائين 27 کان 28 سامونڊي جهاز واپس موڙي چڪي آهي. ڪپلر موجب ايران جي روزاني تيل جي برآمد، جيڪا فيبروري ۾ 1.84 ملين بيرل ھئي، آهستي آهستي گهٽجي رهي آهي. ايراني معيشت وٽ ٻن ٽن مهينن جو تيل جو ذخيرو هو، جيڪو آهستي آهستي ختم ٿي رهيو آهي. ولسن سينٽر، بروڪنگز، ۽ انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ فار اسٽريٽيجڪ اسٽڊيز جا تجزيه ڪار هڪ ئي ڳالهه چون ٿا: جيترو محاصرو ڊگهو ٿيندو، اوترو ئي تهران وٽ وقت گهٽ ٿيندو. يعني ٽرمپ جنگ بندي به جاري رکي آهي ۽ ساڳي وقت ايران تي دٻاءُ به برقرار رکيو آهي— ۽ ان دٻاءُ کي وڌائڻ لاءِ کيس ڪنهن اضافي ڪارروائيءَ جي ضرورت ناهي. جڏهن هو چاهيندو، اهو دٻاءُ گهٽائي سگهي ٿو، ۽ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهيون ان لاءِ هڪ اهم سبب بڻجي سگهن ٿيون.
هتي ايران جي مجبوري کي سمجهڻ ضروري آهي. جيڪڏهن جنگ بندي دوران تهران جا پاسدارانِ انقلاب ڪنهن تيل جي جهاز تي حملو ڪن، يا ڪنهن آمريڪي اتحادي رياست جي تنصيبات کي نشانو بڻائين، يا هرمز ۾ ڪنهن ڪروز شپ تي فائرنگ ڪن، ته ڇا ٿيندو؟ اندروني طور ايران جو حڪومتي ڍانچو اڳ ئي ڪمزور آهي. قليباف، پزشڪيان، ۽ ايران جي ڳالهين واري ٽيم ڪجهه معاملن تي متفق آهي ۽ ڪجهه تي اختلاف رکن ٿا. اهي ان ڳالهه تي متفق آهن ته آمريڪا جنگ بندي جا شرط ٽوڙيا آهن، پر ان ڳالهه تي متفق ناهن ته ڇا وڌيڪ ٽڪراءُ جو خطرو کڻجي يا نه. ڪو به غلط قدم ٽرمپ کي سياسي طور اهو جواز ڏئي سگهي ٿو، جيڪو هن وقت کيس آمريڪا اندر حاصل ناهي. يورپ جي ناراضگي گهٽجي ويندي، ۽ “ايران پهرين حملو ڪيو” وارو بيانيو هڪ رات ۾ سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويندو. تهران اهو سمجهي ٿو، تنهنڪري هو زباني ڌمڪيون ڏئي ٿو، پر ڳاڙهي ليڪ پار نٿو ڪري — ۽ ڪرڻ به نه گهرجي.
جنگبندي ڇو جاري رهندي؟ ڇو ته سڀني ڌرين جي پنهنجي پنهنجي مفاد ۾ جنگ بندي کي جاري رکڻ آهي. ٽرمپ کي پنهنجو “ماگا” (ميڪ امريڪا گريٽ اگين) بنياد واپس گهرجي، ۽ اهو جنگ مان نڪرڻ کان سواءِ ممڪن ناهي. ايراني حڪومت پاڻ کي نئين شڪل ۾ بچائڻ چاهي ٿي، ۽ ان لاءِ پابندين ۾ نرمي، منجمد اثاثن جي واپسي، ۽ محاصري جي خاتمي کان گهٽ تي ڳالهه نه ٺهندي. پاڪستان پنهنجو نئون سفارتي سرمايو ضايع ٿيندو ڏسڻ نٿو چاهي. سعودي عرب، قطر، مصر، ترڪي، چين—سڀني جي خواهش هڪ ئي آهي: جنگ فوري طور ختم ٿي وڃي.
منهنجي دوست ۽ پاڪستان بابت آمريڪي ماهر پروفيسر اسٽييون ڪوهن هڪ ڀيري مون کي چيو هو: “پاڪستان جاگرافيءَ جو قيدي آهي.” گذريل پنجاهه ڏينهن ڏيکاريو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن قيديءَ جون ٻيڙيون ئي ان جون ڪنجيون بڻجي وڃن ٿيون. پاڪستان هن جنگ ۾ ڌر نه بڻيو، ايران جو پاڙيسري آهي، آمريڪا جو پراڻو اتحادي آهي، چين جو ويجهو ڀائيوار آهي، سعودي عرب جو ڀاءُ آهي. ان ڪري اهو واحد رانديگر آهي، جيڪو ٽنهي ڪمرن ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. ۽ ان ڪري جڏهن ٽرمپ کي ساهه کڻڻ جي رستي جي ضرورت پئي، ته هو پاڪستان جي ڪلهي تي هٿ رکي نڪتو. ۽ هن پاڪستان کي ڪريڊٽ به ڏنو— جيڪو شايد ٽرمپ جي تاريخ ۾ شايد ئي ڪنھن کي ايترن چٽن لفظن ۾ مليو هجي.
آئون امن سان گڏ بيٺل آهيان. هر اهو ڏينهن برڪت وارو آهي، جيڪو جنگ کان سواءِ هجي، ڇو ته جنگ جو ٻارڻ ڪمزور ماڻهو ٿين ٿا، جڏهن ته جنگ زورآورن جو کاڌو آهي. غزه ۾ رت وهندي ڏسڻ کان پوءِ ايران ۽ نار ۾ وڌيڪ بربريت ڏسڻ جي همت ناهي رهي. سرچاءَ ڪرائيندڙ ماڻهو واڌائين لائق آهن، هر اهو شخص برڪت وارو آهي، جيڪو پل ٺاهڻ تي يقين رکي ٿو.
اميد ڪا پاليسي ناهي، ته مايوسي به ڪا پاليسي ناهي. پر ان سنھي ۽ گهري رستي کي سڃاڻڻ پاليسي آهي. ۽ ٽرمپ جي هن هڪ پوسٽ اها راهه کولي ڇڏي آهي. معاهدو ويجهو آهي. دير ٿي سگهي ٿي، شڪل بدلجي سگهي ٿي، شرطَن تي تڪرار جاري رهندو، سوشل ميڊيا تي لفظي جنگ به هلندي رهندي— پر معاهدو ٿيندو ضرور. ۽ ان جو رستو به اسلام آباد، پير وڌائي مان ٿي گذرندو. هڪ علائقائي جنگ جيڪا عالمي جنگ ۾ بدلجي سگهي ٿي، هر ڪنهن جو ڊيڄاريندڙ خواب آهي. معاهدو ٿيندو، ڇو ته ان کان سواءِ ڪنهن جو گذارو ناهي، ۽ جڏهن ڪنهن جو گذارو ئي نه هجي، ته معاهدو اختيار ناهي رهندو — مجبوري بڻجي ويندو.